تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

سکر ۾ روهڙي واسين جو قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

سکر(بيورو رپورٽ) روهڙي جي رهواسين قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. اِن موقعي تي مسمات سوڍي، مسمات شهناز سالار جمالي ۽ ٻين روهڙي پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته ڏيڍ مهينو اڳ اسان جي نوجوان غريبو جماليءَ کي بي رحميءَ سان قتل ڪيو هو، جنهن جي ايف آءِ آر مقيم، جتو، يارو ۽ ٻين خلاف داخل آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، تنهن ڪري جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن پوليس جي اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.



Bookmark the permalink.