تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سکر ۾ بدامني جي باهه، چوري، ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ، واپاري پريشان

سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ وڌندڙ بدامني سبب واپاري پريشان، هنگامي اجلاس طلب، چوري ۽ ڦرن وارن واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار، سکر اسمال انڊسٽريز، صرافا بازار ايسوسئيشن جي صدر ۽ سکر ڊولپمينٽ الائينس جي چيئرمين حاجي جاويد ميمڻ جي صدارت هيٺ وڌندڙ بدامني جي حوالي سان هنگامي اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ حاجي غلام شبير ڀٽو، حاجي عبدالستار راجپوت، محمد زبير قريشي، عبدالقادر شيواني، رئيس قريشي، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ شهر ۾ وڌندڙ بدامني، چوري، ڦر لٽ جي وارداتن، ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واپارين ۽ شهرين کي چورن، لٽيرن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، شهر جي اهم تجارتي مارڪيٽن ۾ ڏينهن ڏٺي جو واپارين، دڪاندارن کي ڦريو پيو وڃي، دڪانن جا تالا ڪٽي قيمتي سامان ڦري ڪري چور آساني سان فرار ٿي رهيا آهن، جنهن جي ڪري پوري شهر جي واپاري برادري ۾ شديد خوف ۽ هراس پکيڙيل آهي، حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ سکر ۾ وڌندڙ ڏونهن جي وارداتن۽ تجارتي مارڪيٽن ۾ لٽ مار جي وارداتن جو نوٽيس وٺي ڪري امن ۽ امان جي قيام جي لاءِ قدم کڻي نه ته ٻئي صورت ۾ واپاري برادري شديد احتجاج جو رستو اختيار ڪندي هنن حڪومت ، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي سکر ريجن، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته سکر شهر ۾ وڌندڙ چوري، ڦڙ لٽ جي وارداتن جو نوٽيس وٺي ڪري واپارين جو ڦريل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ امن ۽ امان جي قيام جي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن، ٻئي صورت ۾ واپاري برادري احتجاج ڪرڻ جو حق رکي ٿي جنهن جي تمام تر ذميواري حڪومت ۽ انتظاميا تي عائد ٿيندي.

Bookmark the permalink.