تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

سکر ۾ آزادي جي جوڌي هيمون ڪالاڻي کي ڏيئا ٻاري ڀيٽا

سکر(بيورورپورٽ) سکر جي شاليمار چوڪ وٽ آزادي جي جوڌي هيمون ڪالاڻي جي ورسي جي موقعي تي سينٽرل جيل سکر آڏو ڏيئا روشن ڪري کيس ڀيٽا ڏني وئي. هيمون ڪالاڻي کي انگريزن سينٽرل جيل سکر ۾ 21 جنوري 1943ع تي 19 سالن جي وهي ۾ ڦاهي تي چاڙهي شهيد ڪيو هو. تقريب سنڌ پروگريسو فورم پاران ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين، سماجي تنظيمن ۽ فورمن جي پنهل ساريو، فيض سومرو، حڪيم زنگيجو، علي حيدر شاهه، عيدن جاگيراڻي، ممتاز صوفي، هوشو ڪٽوهر، ستار زنگيجو، صدام سومرو، يامين ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڏيئا ٻارڻ سان گڏ هيمون ڪالاڻي جي تصوير تي ورکا ڪئي وئي ۽ مقررن پاران لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي.

Bookmark the permalink.