تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران پاڻي، ڊرينيج نظام ۽ ترقياتي ڪمن ۾ اربين رپيا خرچ

سکر: سکر ميونسپل ڪارپوريشن طرفان پيئڻ جي پاڻي، ڊرينيج نظام جي بھتري سميت ٻين ترقياتي ڪمن تي ڪيل خرچ جا انگ اکر. سکر ميونسپل ڪارپوريشن پنھنجي چئن سالن جي مدي دوران ھيٺيان ترقياتي ڪم ڪرايا ويا ۽ ان تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، واٽر سپلاءِ (پاڻي جي فراھمي) لاءِ 26 ڪروڙ 53 لک 70 ھزار رپين جون اسڪيون شروع ٿيون جن مان 23 ڪروڙ 64 لک 60 ھزار رپيا جاري ڪيا ويا آھن. فلٽر پلانٽس جي لاءِ 3 ڪروڙ 45 لک رپيا مختص ڪيا ويا جن مان ھڪ ڪروڙ 11 لک 40 لک رپيا جاري ڪيا ويا آھن. ڊرينيج سيڪٽر لاءِ 15 ڪروڙ 97 لک 80 ھزار رپين جون اسڪيمون منظور ٿيون جن مان 14 ڪروڙ 7 لک 90 ھزار رپيا جاري ڪيا ويا. يوسي سطح تي ترقياتي ڪمن لاءِ 94 ڪروڙ 64 لک رپيا مختص جن مان 91 ڪروڙ 5 لک 80 ھزار رپيا جاري ڪيا ويا. آپريشنل سامان، مشينري ۽ گاڏين جي خريداري لاءِ 20 ڪروڙ 94 لک 40 ھزار رپيا رکيا ويا جن مان 14 ڪروڙ 53 لک 90 ھزار رپيا جاري ڪيا ويا. روڊن جي مرمت لاءِ 11 ڪروڙ 92 لک 10 ھزار رپيا رکيا ويا جن مان 8 ڪروڙ 47 لک 80 ھزار رپين جو ڪم ڪرايو ويو، پارڪس لاءِ 15 ڪروڙ 17 لک 70 ھزار رپيا رکيا ويا، جن مان 12 ڪروڙ 57 لک 10 ھزار رپيا جاري ڪيا ويا، پاڪستاني جھنڊو لڳائڻ جي لاءِ 7 ڪروڙ 30 لک رپيا رکيا ويا جيڪا سموري رقم جاري ڪئي وئي، فوٽ پاٿ، ڏاڪڻن جي مرمت، پچ ورڪ تي 4 ڪروڙ 95 لک رپيا رکيا ويا جن مان 3 ڪروڙ 68 لک 60 ھزار رپيا جاري ڪيا ويا آھن، ميونسپل آفيس، مير معصوم شاھ لائبريري، درگاھن، چرچن ۽ مندرن لاءِ 15 ڪروڙ 38 لک 90 ھزار رپيا رکيا ويا جن مان 8 ڪروڙ 7 لک رپيا جاري ٿي چڪا آھن. شھر جي روڊن جي خوبصورتي لاءِ ٻوٽا ۽ گرين بيلٽ لاءِ 3 ڪروڙ 29 لک 40 ھزار رپيا مختص ڪيا ويا جن مان ھن وقت تائين 2 ڪروڙ 15 لک رپيا جاري ٿي چڪا آھن، مجموعي طور تي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي چئن سالن واري عرصي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 2 ارب 30 ڪروڙ 84 لک 70 ھزار رپيا مخص ڪيا ويا جن مان ھڪ ارب 93 ڪروڙ 70 لک رپيا ٺيڪيدارن کي رقم جاري ڪئي وئي آھي، سيپڪو کي مختلف مدن ۾ 8 ڪروڙ 34 لک 28 ھزار ورپيا ڏنا ويا. ڪيٽل ڪالونيءَ لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آھن.

Bookmark the permalink.