تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سکر ميونسپل کي صوبائي اي ڊي پي اسڪيمن ذريعي به ڪم مليا

سکر: سکر ميونسپل ڪارپوريشن کي صوبائي اي ڊي پي اسڪيمن ذريعي بھ ڪم مليا. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب صوبائي اي ڊي پي اسڪيمن تحت ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 762.637 ملين رپيا مختص ٿيا جن مان 540.77 ملين رپيا جاري ٿي چڪا آھن. يونين ڪاميٽي 7 ۽ 8 ۾ واٽر سپلاءِ، ڊرينيج، گھٽين، روڊن جي مرمت لاءِ 94.75 ملين منظور ٿيا جن مان 94.115 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آھن. سکر جي ڊرينيج سسٽم جي بھتري لاءِ 535.85 ملين مختص ٿيا جن مان 370.665 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آھن. ميئر سکر جي آفيس لاءِ 59.99 ملين رپيا منظور ٿيا جن مان 30.546 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آھن 18 يونين ڪاميٽيز جي آفيسن لاءِ جي تعمير لاءِ 72.047 رپيا مختص ڪيا ويا جن مان 45.534 رپيا خرچ ٿي چڪا آھن.

Bookmark the permalink.