تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

سکر – ملتان موٽر وي مڪمل ٿيڻ باوجود ٽريفڪ لاءِ نه کليو ، سکر – حيدرآباد موٽر وي لٽڪيل

سکر-ملتان وچ ۾ 2016ع ۾ شروع ٿيل موٽر وي جو ڪم مڪمل: 5 ۽ 28 آگسٽ جون تاريخون به آيون

3 ارب ڊالرن جي لاڳت سان ٺهيل موٽر وي اين ايچ اي ۽ موٽروي پوليس جي کوٽ سبب شروع نه ٿيو: ذريعا

سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر _ ملتان موٽر وي رٿا مڪمل ٿيڻ باوجود ٽريفڪ لاءِ کلي نه سگهي، سکر _ حيدرآباد موٽر وي وارا حصو به لٽڪيل، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب سکر-ملتان وچ ۾ 2016ع ۾ شروع ٿيل ايم 5 موٽر وي جو 392 ڪلوميٽرن وارو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. ٻه تاريخون اچڻ باوجود انهي جو افتتاح ٿي ناهي سگهيو. چائنا ڪنسٽرڪشن ڪمپني 23 جولاءِ تي پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ وقت 5 آگسٽ تي ٽريفڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. اهڙو اعلان چين جي پرڏيهي کاتي پاران ڪيو ويو هو. هنن پاران اها به دعوى ڪئي وئي ته مقرر وقت کان ٻه هفتا اڳ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. 5 آگسٽ تي ٽريفڪ نه جاري ٿيڻ بعد 28 آگسٽ واري تاريخ ڏني وئي هئي. ذريعن موجب سکر ملتان موٽر وي نه کلڻ جو ڪارڻ ان حصي ۾ ڀرتيون نه ٿيڻ ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪي بجيٽ کوٽ سبب ناهن ڪيون ويون، ڪجهه سروس اسٽيشنس تي پيٽرول پمپ به ٺهي ناهن سگهيا، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته موٽر وي جو اهو حصو آڪٽوبر يا نومبر ۾ کوليو ويندو. هوڏانهن 22 آگسٽ تي سينيٽ جي مواصلات واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ اهو ٻڌايو ويو ته موٽر وي تيار آهي، اتي نيشنل هاءِ وي ۽ موٽروي پوليس جا عملدار موڪلي ڪم شروع ڪريون ٿا، ذريعن موجب سرڪار کي بعد ۾ خبر پئي ته موٽر وي ۽ نيشنل هاءِ وي پوليس ۾ اڳواٽ ئي اهلڪارن جي کوٽ آهي، جنهن کانپوءِ ٻي تاريخ ناهي ڏني وئي. رٿا ۾ دير سبب سرڪار کي ٽول ٽيڪس جي مد ۾ ملندڙ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي موٽر وي ايم 5 تي هيل تائين 2.95 ارب ڊالر خرچ اچي چڪا آهن، جنهن مان نوي سيڪڙ و رقم 1.6سيڪڙو وياج تي چين جي بينڪن کان قرض طور ورتي وئي آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت رڳو ڏهه سيڪڙو خرچ ڪيو آهي، جنهن ۾ وڏو حصو زمينون حاصل ڪرڻ جي معاوضي وارو آهي. سکر ملتان موٽر وي جي شروع ٿيڻ سان اٺن ڪلاڪن وارو سفر چئن ڪلاڪن اندر ٿي ويندو. انهي سيڪشن کي 11 انٽر چينج ڏنا ويا آهن جن ۾ سنڌ واري حصي ۾ گڊو، گهوٽڪي ۽ پنوعاقل وٽان آهن. 54 پلون، 12 سروس سينٽر، 10 فلاءِ اوور، 424 انڊر باءِ پاس ۽ 10 ريسٽ هائوس ٺاهيا ويا آهن، 11 ٽول پلازا انهن اڏاوتن کان الڳ آهن، جن مان ڪجهه جو 10 سيڪڙو ڪم پورو نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ جي ٻن ضلعن ۾ ٽي ٽول پلازا رکيا ويا آهن. جڏهن ته وزن ڪرڻ جو ڪجهه اسٽيشنن جو پڻ ڪم رهيل آهي. ذريعن موجب سروس اسٽيشنن جا نيلام پڻ رهيل آهن. جڏهن ته پيٽرول پمپ به کلي ناهن سگهيا. انهن ڪجهه ننڍن پر بنيادي انتظامي ڪمن جي اڻپوري رهڻ سبب ايم 5 کلي ناهي سگهيو. ياد رهي ته نوازشريف جي دور ۾ ملتان کان ڪراچي تائين موٽر وي کي 2018ع تائين مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر هن وقت رڳو سکر ملتان موٽر وي مڪمل ٿي سگهيو آهي. ملتان کان سکر تائين هن موٽروي وسيلي 74 ڪلوميٽر مفاصلو پڻ گهٽبو، جيڪو هاڻوڪي نيشنل هاءِ وي وسيلي ملتان سکر کان 468 ڪلوميٽر آهي. ٻئي طرف سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي جي حوالي سان ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ايم 6 جي نالي سان 296 ڪلوميٽرن جو اهو اڪيلو حصو آهي، جيڪو پشاور کان ڪراچي واري موٽر وي جي حصي ۾ ڪم شروع ٿيڻ کان رهيل آهي. 2013ع ۾ ڪراچي تائين ايندڙ موٽر وي کي لاهور ڪراچي موٽر وي جو نالو ڏنو ويو هو، اهو سفر 13 ڪلاڪن ۾ ٿيڻ جي دعوى ٿي ڪئي وئي، هاڻ ان کي پشاور- ڪراچي تائين موٽروي طور سڏيو پيو وڃي. سکر کان حيدرآباد تائين واري حصي بابت سرڪار هڪ ٻئي اعلان ۾ چيو هو ته اهو 2017ع کان 2020ع تائين مڪمل ٿي ويندو. ان کان اڳ ته لاهور کان ڪراچيءَ تائين نومبر 2018ع ۾ مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. سکر کان حيدرآباد تائين ويندڙ روڊ لاءِ سورنهن جاين تي انٽر چينج ڏيڻ جي رٿ ڪئي وئي آهي، لڳ ڀڳ هر 35 ڪلوميٽر کانپوءِ انٽر چينج ڏنل آهي. رٿا موجب پهرين انٽر چينج سکر روهڙي وٽ ايم 5 روڊ جي آخر وٽ آهي، ان بعد پيرڳوٺ لڳ، ٽنڊو مستي ڀرسان لاڙڪاڻي روڊ وٽ، ان بعد گڏيجي، محراب پور، ڀريا روڊ، پڊعيدن، دوڙ (قاضي احمد روڊ وٽان)، نواب شاهه (سڪرنڊ روڊ وٽان)، شهدادپور (هالا روڊ وٽان)، ٽنڊو آدم (ڀٽ شاهه روڊ وٽان)، اڏيرو لال (کيبر روڊ وٽان)، مٽياري (ٽنڊو الهيار روڊ وٽان)، حيدر آباد، ڄامشورو (سيوهڻ روڊ وٽان) ۽ ايم 9 وٽ ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته سروس اسٽيشنن ۽ پلين جي ڪجهه جاين جو اڃا حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو. هوڏانهن چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي دعوى آهي ته اسان کي جيئن ئي ڪم جي اجازت ملي، اسان اهو ڪم 30 مهينن دوران مڪمل ڪري وٺنداسين

موٽر وي ۾ آيل زمينن جا مالڪ معاوضي لاءِ پريشان
سکر: سکر ملتان موٽروي ۾ مقامي ماڻهن جون لکين ايڪڙ ٻنيون ۽ باغ اچي ويا، انهن سان چار سال اڳ ۾ معاهدا ٿيا ۽ قيمتون مقرر ٿيون پر موٽر مڪمل ٿيڻ باوجود سوين کاتيدارن کي معاوضو نه مليو آهي ۽ نه وري انهن جا اگهه روائيز ڪيا ويا آهن. ضلعن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ساڻن ڪيل ميٽنگن ۾ کين دير سان معاوضا ڏيڻ جي صورت ۾ اهي وڌائي ڏيڻ جا به ساڻن واعدا ڪيا آهن پر آبادگارن کي لاڳيتو اها ئي شڪايت رهي آهي ته انهن کي پيسا اهڙي نموني قسطن ۾ ڏنا پيا وڃن جو اهي ٻيون زمينون خريد ڪرڻ يا ٻي ڪنهن ڪم ۾ بهتر انداز ۾ ڪتب آڻي ناهن سگهيا. ان کانسواءِ جتي سروس اسٽيشنس ٺهيون آهن، اتي مقامي ماڻهن کي روزگار يا سهولتن جي سلسلي ۾ پري رکيو ويو آهي
ايم 5 سان گهوٽڪي ۽ رحيم يارخان جو ڪاربار متاثر ٿيندو
سکر: سکر- ملتان موٽروي شروع ٿيڻ سان گڏ جتي سنڌ جي سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعن جي ماڻهن لاءِ پنجاب خاص ڪري ملتان وڃڻ لاءِ سفري سهولت پيدا ٿي ويندي ۽ مفاصلو گهٽ ٿي ويندو، اتي مقامي واپارين موجب گهوٽڪي ۽ رحيم يار خان ضلعن جي واپاري سرگرمين کي هڪ حد تائين نقصان ٿيندو، ان جو فائدو وري ملتان ۽ بهاولپور کي ٿيندو. ان جو سبب اهو پيو ٻڌايو وڃي ته گهٽ وقت ۾ ملتان ۽ بهاولپور پهچڻ ڪري وڏي پيماني جي خريداري يا شادين جا ڏاج وٺڻ لاءِ شهري ملتان وڃي سگهن ٿا، جڏهن معاشيات جي ڄاڻن موجب ان سان چٽا ڀيٽي وڌندي ۽ مقامي مارڪيٽ به معياري شي گهٽ منافعي تي وڪڻڻ تي مجبور ٿيندي.
موٽر وي جي اڏاوتي ڪم سبب ڪيترائي ننڍا روڊ تباهه ٿيا
سکر: سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي مختلف علائقن مان مٽي ۽ پٿر جي سپلاءِ دوران سنڌ جي کاتن پاران ٺهيل ڪيترائي روڊ تباهه ٿيا آهن، جن ۾ فارم کان مارڪيٽ توڙي ڳوٺن کان شهرن تائين جا لنڪ روڊ شامل آهن، سرڪار پاران ان سلسلي ۾ ڪابه پاليسي نه اچي سگهي آهي ته انهن جي مرمت ڪير ڪرائيندو؟ اهي روڊ ٽٽڻ سان ڳوٺاڻن جا اهنج وڌي ويا آهن.
دادو- حب موٽر وي جي اڏاوت جو پلان تيار
سکر: سي پيڪ جي رٿائن هيٺ نيشل هاءِ وي سنڌ ۾ هڪ ٻئي موٽروي رٿا لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جنهن کي ايم 7 جو نالو ڏنو ويو آهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب اها رٿا دادو کان حب تائين ويندي، ان جي الائنمنٽ جي سلسلي ۾ ٻه پروپوزل ٺهيا هئا، هاڻ ان جو حتمي پروپوزل تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي پڻ جلد ظاهر ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايم 7 کي کيرٿر رينج جي پهاڙي سلسلن مان گذاريو ويندو، اهي به امڪان آهن ته رتوديرو گوادر موٽر وي کي ايم 7 سان به ڳنڍيو وڃي پر ذريعن رڳو ايتري تصديق ڪئي ته ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.
*سکر ملتان موٽروي تي 30 هزار ماڻهن ڪم ڪيو * لکين ٽن مٽي، سيمنٽ، لوهه، ڏامر ڪتب آيو لڳا
سکر: سي پيڪ جي هڪ ويب سائيٽ موجب سکر ملتان موٽروي تي29 کان 30 هزار ماڻهن ڪم ڪيو، جن ۾ ستانوي سيڪڙو مقامي هئا. ان ڪم ۾ مجموعي طور 100 ملين ڪيوبڪ ميٽر مٽي ، 30 ملين ڪيوبڪ ميٽر پٿر، 5 لک ٽن بٽيومين (رال، ڏامر جو قسم)، ڇهه ڪروڙ سرون، سٺ لک ٽائل، ڏهه لک ٽن سيمنٽ، پنج لک ٽن لوهه، 9 هزار 200 مشينون ۽ سامان جا سيٽ، پنج سو ملين لٽر تيل، 16.11 ملين چورس ميٽرن تي بيٺل گاهه، 3 لک 60 هزار مختلف شيون مقامي مارڪيٽ مان خريد ڪيون ويون. هوڏانهن آزاد ذريعن موجب سنڌ واري حصي ۾ خريداري توڙي مقامي ماڻهن کي روزگار گهٽ مليو، مشينن توڙي تيل جي خريداري هتان ڪرڻ بجاءِ ٻاهران آندي وئي.

Bookmark the permalink.