تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سکر مان چونڊيل نمائندا وزارتن ۾ رهڻ باوجود قسمت جي ديوي مهربان ناهي ٿي

سکر: سکر شهر کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، سينيٽر اسلام الدين شيخ، صوبائي وزير سيد اويس شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم پي اي سيد فرخ شاهه، وڏي وزير جو خاص معاون ڊاڪٽر ارشد مغل سميت ٻين اڳواڻن جهڙو پروٽوڪول موجود آهي پر اِن باوجود سکر تي قسمت جي ديوي مهربان ناهي ٿي. ڄاڻايل نمائندن جي عدم توجهه ۽ بي ڌياني سبب سکر شهرجي حالت ننڌڻڪي ٿي وئي آهي، چونڊجڻ کان اڳ هميشه شهرين سان بنيادي سهولتن جي فراهمي جا واعدا ڪندڙ چونڊيل نمائنده عوام جا بنيادي مسئلا ته حل ناهن ڪري سگهيا البته پاڻ ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿيندا پيا وڃن، جن کي عوام جي ڳڻتي ان ڪري به ناهي جو هو پاڻ ۽ گهر ۾ به منرل واٽر جو بوتلون واپرائن ٿا ۽ گهر کي بجلي جو ڊبل لائينون يا وري هيوي جنريٽرز لڳل آهن. ان ڪري انهن کي عوام جي اهنجن جي ڪا به پرواهه ناهي.

Bookmark the permalink.