تازا ترين
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

سکر قرنطينه ۾ موجود زائرين مان ساڍا 6 سئو ڄڻا ڪليئر، کين اڄ گهر وڃڻ جي اجازت ملي وئي

ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 260 متاثر آئيسوليشن ۾ ئي رهندا: ڪشمنر شفيق مهيسر

سکر ( بيورو رپورٽ ) ڪورونا وائرس جي خدشي سبب سکر قرنطينه ۾ رکيل ساڍا 6 سئو زائرين کي ڪليئر قرار ڏيڻ بعد اڄ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. ڪمشنر سکر شفيق مهيسر تصديق ڪندي چيو ته ساڍا 6 سئو ڪورنٽائين مڪمل ڪيو آهي، جن کي ڪورونا وائرس نه هئڻ جي به تصديق ٿي آهي، تنهنڪري کين اڄ گهر روانو ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته زائرين مان 259 کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جيڪي آئيسوليشن ۾ ئي رهندا.

Bookmark the permalink.