تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران زرعي دوائن جي دڪانن سميت گڊز ٽرانسپورٽ کي کولڻ جي اجازت*
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*

سکر قرنطينه سينٽر ۾ صحتياب قرار ڏنل زائرين جي روانگي رولڙي جي ور

ڊي سي ۽ هيلٿ آفيسرز وچ ۾اختلافن سبب زائرين قرنطينه سينٽر ۾ ترسيل

زائرين کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ وارو معاملو عدالت پهچي ويو

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي ڊي سي ۽ صحت کاتي جي عملدارن وچ ۾اختلافن سبب قرنطينه سينٽر ۾ٽيسٽ بعد ڪليئر قرار ڏنل زائرين کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ وارو معاملو عدالت پهچي ويو آهي.قرنطينه سينٽر سکر ۾مڙني ٽيسٽ بعد ڪليئر قرار ڏنل زائرين کي وڃڻ جي اجازت ملڻ باوجود رينجرز۽پوليس کين قرنطينه سينٽر مان گهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.زائرين جي گهرن ڏانهن روانگي واري معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر راڻا عديل ۽ صحت کاتي جا آفيسر آمهون سامهون ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڊي سي سکر جو چوڻ آهي ته مڃون ٿا ته مسافرن جون ٽيسٽون نيگيٽوَ آيون آهن ۽ اهي مڪمل صحتياب آهن پر ان بابت صحت کاتي جا آفيسر لکت ۾ بيان ڏين ته هو مسافرن کي ڇڏين ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته هيلٿ کاتي جي آفيسرن مسافرن جي صحتيابي بابت لکت ۾موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او هيلٿ، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾قرنطينه سينٽر بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شبير احمد دايو عدالت کي ٻڌايو ته 510 زائرين جي ٽيسٽ نيگيٽوَ آئي آهي، جن کي ڇڏڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. ڊي ايڇ او عدالت کي آگاهي ڏني ته 210 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 144 زائرين جون رپورٽون اڃا ناهن آيون. ڊي ايڇ او عدالت کي ٻڌايو ته مجموعي طور هن وقت قرنطينه سينٽر ۾11سئو جي لڳ ڀڳ زائرين موجود آهن. ان موقعي تي عدالت ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته قرنطينه سينٽر ۾ موجود مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون وڃن. عدالت قرنطينه سينٽر ۾ موجود زائرين واري معاملي جي ٻڌڻي 14 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.