تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سکر شهر ۾ پاڻي پيسن عيوض وڪرو ٿيڻ لڳو، غريب شهري پريشان

سکر: سکر ۾ پاڻي پئسن عيوض وڪرو ٿيڻ لڳو، ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي غفلت ۽ لاپرواهيءَ سبب پيدا ٿيل پاڻي کوٽ سبب شهري پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ سبب پاڻي پئسن عيوض گيلن توڙي ٽينڪر جي صورت ۾ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. پاڻيءَ جو في گيلن گهٽ ۾ گهٽ 50 رپيا جڏهن ته ٽينڪر 500 رپين کان 1500 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. جنهن ڪري شهري تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. پاڻي ڀريندڙن جو چوڻ آھي تھ واٽر سپلاءِ جو ايندڙ پاڻي پيئڻ جي قابل ناھي تنھن ڪري شھري پئسن عيوض پاڻي ڀرائين ٿا جنھن ڪري اسان بھ روزگار سان لڳل آھيون

Bookmark the permalink.