تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سکر شهر جي رهواسين لاءِ بلدياتي نظام به لاڀائتو ثابت نه ٿيو، چئن سالن ۾ 6 ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود صاف پاڻي به خواب بڻيل

سکر: سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر جي رھواسين لاءِ بلدياتي نظام بھ لاڀائتو ثابت نھ ٿيو، اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود لکين شھرين جو پيئڻ واري صاف پاڻي وارو سنھرو خواب خواب ئي رھجي ويو. سياسي، سماجي، مذھبي ۽ سول سوسائٽي طرفان شھرين کي بدبوءِ دار پاڻي جي فراھمي، ڊرينيج، روڊ رستا تباھ ۽ شھر کنڊر قرار، رپورٽ موجب سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر جي رھواسين پاران بلدياتي نظام بھ سھولتون نھ ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون آھن، سنڌوءَ ڪناري آباد سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر جي لکين رھواسين جو پيئڻ واري صاف پاڻي جو بنيادي مسئلو ميونسپل ڪارپوريشن جي مدت پوري ٿيڻ باوجود حل ناھي ٿي سگھيو، اربين رپيا پيئڻ جي پاڻي ۽ ڊرينيج اسڪيمن تي خرچ ڏيکارڻ باوجود ڄاڻائي ٻئي بنيادي ۽ اھم مسئلا بدستور برقرار آھن، لاڳيتو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي حڪومت ٺاھيندڙ پيپلز پارٽي جي قومي توڙي صوبائي ميمبرن بھ ھن وقت تائين پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي وارو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا آھن. نساسڪ، ميونسپل ڪارپوريشن، پبلڪ ھيلٿ جي ماتحت ھلندڙ پاڻي فراھمي توڙي ڊرينيج جو نظام بدستور ٺيڪ ناھي ٿي سگھيو، ھن وقت بھ سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر جي رھواسين کي گندي ۽ بدبوءَ دار پاڻي جي فراھمي وارو سلسلو جاري آھي، مھيا ٿيندڙ گندو پاڻي بھ اڪثر علائقن ۾ ناياب بڻيل آھي، اھڙي طرح ڊرينيج نظام بھ ناڪارا بڻيل آھي، ميونسپل ڪارپوريشن سکر طرفان مختلف پگھارن، پينشن، گريجوئيٽي، گاڏين جي مرمت ۽ ڊوالپمينٽ تي اربين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا. حاصل ڪيل ميونسپل ڪارپوريشن جي رڪارڊ موجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن چئن سالن دوران پگھار، انڪيشمينٽ، پينشن، ايڊيشنل فنانس اسسٽنٽ، گريجوئٽي، اوور ٽائيم، ڪانٽيجنسي، گاڏين جي مرمت، پولي، ڊوالپمينٽ جي مد ۾ 6 ارب 22 ڪروڙ، 22 لک، 63 ھزار 954 رپيا خرچ ڪيا. پگھارن جي مد ۾ چئن سالن دوران ٻھ ارب 46 ڪروڙ، 47 لک، 31 ھزار 109 رپيا ڏنا. انڪيشمينٽ جي مد ۾ 7 ڪروڙ 28 لک 40 ھزار 219 رپيا، پينشن جي مد ۾ 6 ڪروڙ 14 لک 40 ھزار 32 رپيا، فنانشل اسسٽنٽ جي مد ۾ 3 ڪروڙ 12 لک 50 ھزار رپيا، گريجوئٽي جي مد ۾ 23 ڪروڙ 9 لک 81 ھزار 733 رپيا، اوور ٽائيم جي مد م 2 ڪروڙ 48 لک 91 ھزار 664 ، گاڏين جي مرمت لاءِ 5 ڪروڙ 86 لک 99 ھزار 51 رپيا، ڊوالپمينٽ لاءِ ھڪ ارب 79 ڪروڙ 65 لک 40 ھزار 743 رپيا خرچ ڄاڻايا ويا آھن. سکر جي سڄاڻ ڌرين جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علاما راشد خالد محمود سومرو، ھاءِ ڪورٽ بار سکر جي اڳوڻي صدر ھادي بخش ڀٽ، ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري شفيق بابر لغاري، جي يو آءِ سکر جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍھڙ، وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ فرزانا کوسو، سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي جاويد ميمڻ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مبين احمد جتوئي، سني تحريڪ جي مرڪزي اڳوڻ حافظ محبوب سهتو، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حزب اللھ جکرو، مشرف محمود قادري، وڪيل سڪندر جوڻيجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ عيدن جاگيراڻي، لالا ارشاد پٺاڻ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ صبا ڀٽي، حسيب جوڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت نساسڪ جي قيام وقت شھرين کي پيئڻ جي پاڻي ۽ ڊرينيج جا مسئلا مستقبل بنيادن تي حل ٿيڻ جا سنھرا خواب ڏيکاريا، جنھن سکر ۾ اربين رپيا بھ خرچ ڪيا پر اِن باوجود ٻئي بنيادي مسئلا حل نھ ٿيا، جنھن کان پوءِ ميونسپل ڪارپوريشن وري پبلڪ ھيلٿ کي اھي نظام ڏنا ويا جن بھ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا آھن پر ھن وقت تائين پيئڻ جي پاڻي وارو مسئلو حل ناھي ٿي سگھيو ۽ نھ ئي وري ڊرينيج نظام بھتر ٿي سگھيو آھي. سکر جي رھواسين جا ڄاڻايا اِھي ٻھ بنيادي مسئلا ھئا جيڪي حل ناھن ٿيا فقط چوڪن چوراھن ۽ پاڻ وڻائڻ جي لاءِ ھڪ مختلف مدن ۾ وڏيون رقمون خرچ ڪيون ويون آھن. اربين رپيا سکر واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهميءَ تي خرچ ٿيڻ باوجود شهري پاڻي کوٽ کي منهن ڏين ته ڪنهن کي دانهن ڏجي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ تحقيقاتي ادارن کان مطالبو ڪيو تھ پاڻي ۽ ڊرينيج منصوبن جي جاچ ڪرائڻ ۽ شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.