تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سکر سول اسپتال ۾ ساهه جي تڪليف سبب آندل پيرسن شخص مبينا طور علاج نه ڪرڻ سبب فوت، لاش رکي احتجاج

منٿن باوجود آڪسيجن تي نه رکڻ سبب ڪالوهي ميراڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو: وارثن جو الزام

سکر سول اسپتال ۾ آندل پيرسن جو علاج نه ٿيڻ سبب فوت، لاش رکي احتجاج

سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي سول اسپتال ۾ ساهه جي تڪليف سبب آندل پيرسن شخص مبينا لاپرواهي سبب فوت ٿي ويو، وارثن جو لاش سوڌو احتجاج، وارثن الزام هنيو آهي ته منٿون ڪرڻ باوجود هڪ ڪلاڪ تائين پيرسن شخص ڪنهن به چڪاس نه ڪيو، جنهن سبب هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، بس ٽرمينل جي رهواسي ڪالو خان ميراڻي کي ساهه جي تڪليف سبب سول اسپتال آندو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو، واقعي بعد وارثن لاش اسپتال آڏو رکي احتجاج ڪيو ۽ دانهيو ته ساهه جي تڪليف سبب ڪالو خان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو، جتي موجود نرسن ۽ اسٽاف کي منٿيون ڪيون ويون ته مريض جي طبيعت خراب آهي، آڪسيجن ڏئي سندس حياتي بچائي وڃي. پر هڪ ڪلاڪ تائين ڪنهن به قسم جي ٽريٽمينٽ نه ڏني وڃي، جنهن سبب پيرسن تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، هنن وڏي وزير ۽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.