تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

سکر دارالامان ۾ سهولتن جي اڻاٺ، بيمار عورت کي دوائون به نه مليون

سکر(بيورو رپورٽ) سکر دارالامان ۾ صحت سميت ٻين بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي، جنهن سبب عورتن کي تمام گهڻيون پريشانيون درپيش آهن، ذريعن موجب دارالامان ۾ پناهه ورتل لڳ ڀڳ 45 ورهين جي عورت مائي قابلان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهي جنهن جو گذريل 6 ڏينهن کان پمپ ختم ٿي ويو هو، پئسا نه هجڻ سبب هو کيس نه ملي سگهيو ۽ نه ئي وري دارالامان انتظاميه اِن طرف توجهه ڏنو. جنهن ڪري ڄاڻايل عورت جي طبيعت خراب ٿي وئي ته عورت کي پوليس موبائيل گهرائي علاج لاءِ سول اسپتال سکر پهچايو ويو، جِتي دارالامان جي ڪا به ملازم عورت موجود نه هئي. ذريعن موجب اهڙن ڪيسن ۾ عورتن کي مرد ئي سهارو ڏئي کڻي وڃن ٿا

Bookmark the permalink.