تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سکر بئراج جي کاٻي ڪناري جي مرمتي ڪم ۾ پوڻا 36 ڪروڙ ڪرپشن جو انڪشاف

اينٽي ڪرپشن سکرجي اختيارين ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ شروع ڪري ڌريون اڄ طلب ڪيون ويون

سکر بئراج اختيارين کان سال 20_2018ع ۾ روهڙي، سکر، مورو ۽ هالا ۾ مرمتي ڪمن جا تفصيل طلب

ڪراچي/ سکر (رپورٽ: شاهد ميراڻي / فاروق سومرو) سکر بئراج جي ليفٽ بينڪ تي مٽيءَ جي ڀرائي سميت مرمتي ڪم جي مد ۾ پوڻا 36 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن سکر جي اختيارين ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، سکر بئراج جي چيف انجنيئر سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اينٽي ڪرپشن سکر پاران رڪارڊ سميت اڄ طلب ڪيو ويو آهي، ٺيڪيدارن جي تفصيل، رقم جاري ٿيڻ جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن سکر پاران سکر بئراج جي اختيارين ڏانهن نوٽيس اماڻي مالي سال 2018_19ع ۽ مالي سال 2019-20ع ۾ سکر بئراج جي ليفٽ بينڪ روهڙي، سکر، مورو ۽ هالا ۾ مٽيءَ جي ڀرائي، ڊي سلٽنگ، ٺيڪيدارن کي ڪيل ادائگي، ٺيڪن بابت اخبان ۾ ڏنل اشتهارن جا تفصيل، ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن جي تفصيلن سميت ٻيا سمورا تفصيل ڪري ورتا آهن. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن پاران ڪرپشن اسڪينڊل ۾ سکر بئراج جي اختيارين ڏانهن اماڻيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سکر بئراج جي چيف انجنيئر مختيار ابڙو ۽ انجنيئر ارشاد ميمڻ تي 14 ڪروڙ رپيا قانون جي ابتڙ استعمال ڪيا آهن. جڏهن ته اهو نوٽيس ۾ اهو پڻ الزام لڳايو ويو آهي ته هالا ڊويزن جي ايڪسيئن طارق ڪيهر پاران روهڙي ايريگيشن ڊويزن جي اضافي چارج دوران 21 ڪروڙ 74 لک 70 هزار رپيا ڪڍرايا ويا هئا. جنهن جون شڪايتون مليون آهن. اينٽي ڪرپشنن پاران آبپاشي کاتي جي ڄاڻايل سمورن لاڳاپيل ڪامورن کي اڄ اينٽي ڪرپشن سکر جي آفيس ۾ سموري رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.