تازا ترين
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*

سکر بئراج جا 5 دروازا لٽ ۾ ڦاسي پيا، ٽي بحال، پاڻي فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان

سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌو دريا ۾ هلندڙ سال آيل وڏي ٻوڏ ۾ سکر بيراج جا پنج گيٽ لٽ ۾ ڦاسي پيا، جن مان ٽي گيٽ بحال ٿي سگهيا آهن ۽ باقي ٻن گيٽن کي ڪڍڻ لاءِ ڪالهه شام تائين انجنيئرن جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن ۽ بيراج انتظاميا ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ گيٽ بحال ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي. گيٽ مٿي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ساڄي پاسي جي ڪينالن جو پاڻي متاثر ٿيڻ جو امڪان. تفصيل موجب ڏهين سيپٽمبر تي وڏي ٻوڏ دوران منجهند جو اوچتو سکر بيراج جي ساڄي پاسي جا ٻه گيٽ ان وقت ڦاسي پيا جڏهن وهڪرا وڌڻ مهل گيٽ مٿي ڪيا ٿي ويا ته گيٽ نمبر ٻه ۽ گيٽ نمبر چار دريا ۾ آيل مٿاهين ۽ هيٺاهين پاسي کان تري ۾ آيل لٽ ۾ ڦاسي پيا. رات تائين ڪوششون ڪرڻ باوجود گيٽ لٽ مان نه نڪري سگهيا هئا، جيڪي ڪالهه تائين پڻ ڦاٿل هئا، دريا جي کاٻي ڦاسي پڻ ڪالهه صبح جو 16، 28 ۽ 37 نمبر گيٽ جڏهن معمول موجب مٿي کنيا ويا ته اهي نه ٿي سگهيا ۽ جائزي بعد اهي ٽئي گيٽ به لٽ ۾ ڦاٿل هئا. گيٽ کولڻ لاءِ سکر بيراج جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ٽريفڪ بند ڪئي وئي. ڇهن ڪلاڪن جي ڪوشش بعد کاٻي پاسي جا 16، 28 ۽ 37 نمبر گيٽ کلي ويا آهن. جنهن بعد سکر بئراج تان خيرپور روهڙي ويندڙ ٽريفڪ بحال ڪئي وئي، سکر ايندڙ ٽريفڪ کي روهڙي ۽ سکر سٽي پوائنٽ واري پاسي موڙيو ويو. انهن گيٽن ۾ وڌيڪ خرابي ٿي ۽ ٻاهر نه نڪري سگهيا ته آبپاشي ذريعن موجب ساڄي پاسي جي رائيس، دادو ۽ کيرٿر ڪينالن ۾ پاڻي فراهمي ڏکي ٿي ويندي ڇو ته گيٽ مٿي نه ٿيڻ جي صورت ۾ پانڊ ليول برقرار نه رهي سگهندي. هوڏانهن نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ڪجهه آبپاشي انجنيئرن جو خيال هو ته ٻوڏ جيڪڏهن گيٽن کي مشينن سان ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وڏو نقصان ٿيندو. پاڻي لهڻ سان دٻيل دروازن جي ڀرپاسي جا دروازي کولي پاڻي جي فليش سان لٽ ڪڍبي ته نقصان جو انديشو ناهي. سکر بيراج وٽ پاڻي جا وهڪرا معمول تي اچڻ باوجود ڪالهه شام تائين ڦاٿل گيٽن کي ڪڍڻ جو آپريشن ناڪام ٿي چڪو هو. ان سلسلي ۾ ايڪسين سکر ٻڌايو ته هن ڀيري وڏي ٻوڏ دوران پاڻي ڪارو هو ۽ ان ۾ لٽ تمام گهڻي هئي جيڪا 24 گيٽ واري پاڪيٽ کان گڏجي وئي ۽ ساڄي پاسي 2 ۽ 4 گيٽ واري پاڪيٽ ۾ جمع ٿي وئي. هن چيو ته ڪجهه دروازن جي ڪمپريشر وسيلي لٽ ڪڍي وئي آهي ۽ باقي دروازن جي به جلد لٽ نڪري ويندي. هوڏانهن سکر بيراج جي ڪنٽرول آفيس جي انچارج عبدالعزيز سومري جو چوڻ هو ته رهيل دروازن کي ڪڍڻ ۾ 48 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. ڪوشش ڪيون ٿا ته ڪينالن جو انڊينٽ پورو ڪري گهربل پاڻي جي فراهمي ڪجي. ان لاءِ کاٻي پاسي جو پاڻي ساڄي پاسي موڙيو پيو وڃي جو ٻوڏ دوران ان پاسي پاڻي جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي. هن چيو ته گيٽن کي ڪو به مڪينيڪل مسئلو ناهي ٿيو.

Bookmark the permalink.