تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سکر آءِ بي اي ۾ شجرڪاري مهم شروع، وڻ لڳائڻ انتهائي ضروري ٿي چڪو آهي: وي سي

سکر(بيورو رپورٽ) آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر مير محمد شاهه چيو آهي ته وڻ لڳائڻ انتهائي ضرور ٿي چڪو آهي. دنيا ۾ وڻ گھٽ هجڻ سبب ماحولياتي تبديليون ٿي چڪيون آهن. اسان سڀني کي گڏجي ڪري وڻ لڳائڻ گھرجن. هن اهڙيون ڳالهيون آءِ بي اي سکر ۾ شجرڪاري مهم دوران ٻوٽا لڳائڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو، وي سي پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاهه، رجسٽرار آءِ بي اي يونيورسٽي زاهد حسين کنڊ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وي سي چيو ته ملڪ جي عوام کي شجرڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ گھرجي. پوري دنيا شجرڪاري مهم ۾ رڌل آهي. شجرڪاري نه ٿيڻ سبب دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو خطرو ٿي سگھي ٿو. هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته اسان کي وڏي پئماني تي وڻ ۽ ٻوٽا لڳائڻ گھرجن. جنهن سان آڪسيجن مهيا ٿيندي. شجرڪاري ڪرڻ سان لينڊ سلائيڊنگ جھڙي قدرتي آفتن کان به بچي سگھجي ٿو.

Bookmark the permalink.