تازا ترين
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 هزار 689 ماڻهو فوت، متاثرن جو انگ 48 لک 72 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو

دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتين جو انگ 3 لک 19 هزار 209 ٿي ويو

آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 756 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي/نيويارڪ (ڊيسڪ رپورٽ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 هزار 689 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 72 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو مجموعي انگ 48 لک 72 هزار کان وڌي ويو آهي. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتين جو انگ 3 لک 19 هزار 209ٿي ويو آهي، جڏهن ته 18 لک 93 هزار کان وڌيڪ ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن. آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 756 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ 91 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 15 لک 45 هزار کان وڌيڪ آهي. ڪورونا وائرس وگهي اسپين ۾وڌيڪ 59 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 27 هزار 709 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 27 لک 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. اٽلي ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 99 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 32 هزار 7 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 25 هزار 886 ماڻهو بيماري ۾ورتل آهن. ڪورونا وائرس فرانس ۾131، برازيل ۾252، ڀارت ۾131، ڪئنيڊا ۾57 ۽ ميڪسيڪو ۾132 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ وڌي 3 لک 19 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 48 لک 72 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن.

Bookmark the permalink.