تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

نواز شريف جي ڪالهوڪي تقرير بعد نئون عمران خان اچي ويو آهي کيس ڏيهه واپس آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري عام قيدين جي جيل ۾ رکندس:وزيراعظم

گدڙ ٻاهر ويهي پاڪ فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي، رات جن ٻارن خطاب ڪيو، انهن سدائين پيئرن جي حرام جي ڪمائي کاڌي آهي: وزيراعظم

رات جلسي دوران هُن آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڳالهايو، نواز شريف آصف زرداري کي ٻه ڀيرا جيل موڪليو: ٽائيگر فورس کي خطاب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس جي پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وزيراعظم اپوزيشن جي گجرانواله جلسي کي سرڪس قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عمران خان ٽائيگر فورس کي خطاب ڪندي چيو ته گجرانواله ۾ گذريل رات سرڪس ٿي، اپوزيشن جي سرڪس ۾ وڏا وڏا فنڪار هئا، خبر ناهي اوهان جي سئي ڊيزل تي ڇو اٽڪي پئي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، هن چيو ته مهانگائي وڌڻ جو هڪ ڪارڻ ڪورونا آهي، نفعي خورن طرفان ذخيرا اندوزي سبب مهانگائي ڪر کنيو، کاڄرو شين جي ذخيرا اندوزي سبب قيمتون وڌي ويون، کنڊ جون قيمتون شگرمل مالڪن وڌائي ڇڏيون، شگرملن جا مالڪ آصف ارداري ۽ نواز شريف آهن، اهي ٻئي ٻار پنهنجي پيئرن جي حرام جي ڪمائي تي پليا، انهن ٻنهي ٻارن اڄ تائين حلال جي ڪمائي ناهي کاڌي، ٽيم جي 12 هين رانديگر تي ڇا ڳالهائجي، گدڙ ٻاهر ويهي پاڪ فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته هن آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر خلاف ڳالهايو، بدقسمتي سان ملڪي عدالتن هن شخص جي مدد ڪئي، نواز شريف آصف زرداري کي ٻه ڀيرا جيل موڪليو. هاڻي ڪنهن به چورکي اين آر او نه ڏينداسين، چورن کي ڪنهن به وي آءِ پي جيل ۾ نه رکيو ويندو، نئين پاڪستان سان نوان عمران خان به پيدا ٿي ويا، نوان عمران خان انهن چورن کي پڪڙي جيلن ۾ بند ڪندا.

Bookmark the permalink.