تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

سپر ماڊل جي جي حديد، زين ملڪ کي ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو، ٻيهر ويجهڙائي

آمريڪي سپر ماڊل جي جي حديد ۽ 27 سالن جو زين ملڪ مارچ 2018ع ۾ ڌار ٿي ويا هئا

ڪراچي (شوبز نيوز) فلسطيني ڄائي آمريڪي سپر ماڊل 24 سالن جي جي جي حديد ۽ پاڪستاني ڄائي 27 سالن جي زين ملڪ جي جوڙي کي دنيا جي مشهور ۽ رومانوي جوڙين ۾ ڳڻيو ويندو رهيو آهي. مارچ 2018ع ۾ ٻنهي جي عليحدگي سڄي دنيا ۾ موجود ٻنهي جي مداحن کي مايوس ڪري ڇڏيو هو. هاڻي اها خبر سامهون آئي آهي ته ٻنهي ٻيهر لاڳاپا رکي ورتا آهن ۽ هڪ ٻئي سان گهرڀاتين سان گڏ ملاقات ڪري نئين زندگي جي شروعات ڪئي آهي. شوبز ويب سائيٽ اي نيوز پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته زين ملڪ ۽ جي جي حديد نيو يارڪ ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي گڏ ڊنر ڪيو. ڊنر لاءِ جي جي حديد نيو يارڪ ۾ هڪ سٺي مقام تي جاءِ ڪرائي تي حاصل ڪيئ هيئ جتي هن پراڻي دوست زين ملڪ ۽ گهرڀاتين سان سٺو وقت گذاريو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻنهي مارچ 2018ع کانپوءِ پهرين ملاقات ڪئي ۽ ان کان اڳ زين ملڪ ڊسمبر 2019ع ۾ جي جي حديد سان رابطو ڪري لاڳاپا بحال ڪرڻ جو چيو هو. رپورٽ موجب جي جي حديد زين ملڪ کي ٻيون موقعو ڏيندي ساڻس لاڳاپا بحال ڪيا ۽ ٻئي نيو يارڪ ۾ مليا جتي هنن سالگرهه پارٽي به منعقد ڪئي. جي جي حديد سان ماءُ يالندا حديد ماڊل جي ننڍي ڀيڻ 23 سالن جي بيلا حديد، ڀاءُ 22 سالن جو انور حديد ۽ سندس ڀاءُ جي گرل فرينڊ 24 سالن جي آمريڪي ڳائڻي دعا ليپا به موجود هئي. ان موقعي تي يالندا حديد جي 56هين سالگرهه به ملهائي وئي.



Bookmark the permalink.