تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سپريم ڪورٽ پاران پوليس آفيسرن جي ترقين بابت ٽربيونل جي فيصلي خلاف اپيلون رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب پوليس آفيسرن جي پروموشن واري ڪيس ۾ فيصلو برقرار رکندي مختلف پوليس آفيسرن جون سروس ٽربيونل جي فيصلي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون، ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل 2 رڪني بينچ آڏو درخواست گذارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته عدالتي فيصلي سبب ڪيترن ئي پوليس آفيسرن جو پروموشن رڪجي ويو آهي ان ڪري عدالت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس ملازمن ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو امتحان ڏنو؟، ان امتحان جو رڪارڊ ڇو نه آهي؟ ڪنهن به سرڪاري ملازم کي قانون کان هٽي ڪري ترقي نٿي ڏئي سگهجي.

Bookmark the permalink.