تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سپريم ڪورٽ پاران فساد في الارض معاملي تي اسلامي اسڪالرن کان معاونت طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فساد في الارض واري معاملي تي اسلامي معاملن جي شخصيتن کان معاونت طلب ڪري ورتي. ڪالھه سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. پنجاب جي ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل محمد قاسم چوهان دليل ڏيندي چيو ته دهشتگردي ۾ ملوث جوابدارن کي رعايت نٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن انهن کي معافي ڪيو ويو ته ملڪ ۾ فساد في الارض جو خطرو وڌي ويندو، اسلام به فساد في الارض کان روڪڻ جو درس ڏئي ٿو، رياست جي صوابديد آهي ته ڪنهن به جوابدار جي سزا ۾ گهٽتائي ڪري. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2006 ۾ قانون ۾ ترميم ڪندي سزا ۾ گهٽتائي واري معاملي کي ختم ڪيو ويو، ڇو نه 2006 کان پهريان وارن جوابدارن کي ان جو فائدو ملڻ گهرجي، ڇو نه اهڙن جوابدارن کي سٺو ٿيڻ جو موقعو ڏجي جيڪي سزا دوران هنر سکيا آهن، سٺا انسان ٿي ويا آهن، جيڪڏهن انهن کي معاف نه ڪيو ويندو ته پوءِ اهي دهشتگرد بڻجي ويندا. جسٽس مشير عالم چيو ته فساد في الارض جو معاملو اهم نوعيت جو آهي ان تي اسلامي اسڪالرن کان ڇو نه مدد طلب ڪجي؟ بعد ۾ عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪندي اسلامي اسڪالرن کان معاونت طلب ڪري ورتي.

Bookmark the permalink.