تازا ترين
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

سپريم ڪورٽ طرفان ميهڙ جي 3 ڀاتين جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار

3 رڪني بينچ جو 29 مئي تي محفوظ ڪيل فيصلو جسٽس مشير عالم پڙهي ٻڌايو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميهڙ جي واسڻ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، سپريم ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، ڪرم الله، قابل ۽ مختيار چانڊيو جي قتل ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ پاران قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، 3 رڪني بينچ جو 29 مئي تي محفوظ ڪيل فيصلو جسٽس مشير عالم پڙهي ٻڌايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، ام رباب چانڊيو پنهنجي ٽن گهرڀاتين جي قتل خلاف ميرپورماٿيلو، سکر، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري توڙي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس بابت پيش ٿيندي رهي آهي ۽ هُن جو هميشه اهو ئي چوڻ آهي ته هوءَ عدالتن جو احترام ڪندي آهي ۽ عدالتن تي اعتماد ڪري ٿي، عدالتن مان ان کي انصاف جي اميد آهي.

Bookmark the permalink.