تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سپريم ڪورٽ طرفان اي پي ايس سانحي تي ڪميشن ۽ وفاقي سرڪار جون رپورٽون عوام آڏو پڌريون ڪرڻ جو حڪم

مٿان کان ڪارروائي جي شروعات ڪريو، ذميوارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، جيئن مستقبل ۾اهڙن واقعن کان بچي سگهجي: چيف جسٽس

ملڪ جو الميو رهيو آهي ته وڏي سانحي جي ذميوار ننڍي عملي کي فارغ ڪيو، وڏن ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي

اسلام آباد (ن پ ا) سپريم ڪورٽ طرفان اي پي ايس سانحي تي ڪميشن ۽ وفاقي سرڪار جون رپورٽون عوام آڏو پڌريون ڪرڻ جو حڪم تفصيل موجب سپريم ڪورٽ اي پي ايس سانحي تي ڪميشن ۽ وفاقي سرڪار جون رپورٽس عوام آڏو پڌريون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، حڪومت کي ڪميشن جي رپورٽ تي لائين آف ايڪشن ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ڪئي وئي آهي، امان الله ڪنراڻي عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو، اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل صاحب! مٿان کان ڪارروائي جي شروعات ڪريو، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي، خبر هجڻ گهرجي ته ڪنهن جي غفلت جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو ۽ ڪنهن ڄاڻ مهيا نه ڪئي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي ملڪ جو الميو رهيو آهي ته وڏي سانحي جي ذميوار ننڍي عملي کي فارغ ڪري ڇڏيو، وڏن ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي، جڏهن عوام محفوظ نه آهي ته ايڏو وڏو ملڪ ۽ نظام ڇو هلائي رهيا آهيو، هوڏانهن اي پي ايس سانحي جي متاثرن سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اسڪول جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، چيف جسٽس 16 ڊسمبر تي پشاور ۾ رٿيل تقريب ۾ شرڪت جي دعوت قبولي ورتي، سُپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سانحي جي متاثرن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ مٿي ويٺل ذميوارن کي پڪڙي، هيٺئين سطح تي پاڻ ئي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، اسان جا ٻار واپس نه ايندا، چاهيون ٿا ته ٻين جي ٻارن سان اهڙو واقعو پيش نه اچي، حملي دوران هڪ رٿابندي تي ٻارن کي هڪ ئي هال ۾ گڏ ڪيو ويو، هي واقعو دهشتگردي نه، پر ٽارگيٽ ڪلنگ جو آهي، رپورٽ جي روشني ۾ ٻين جو ڪيس وڙهڻ گهرون ٿا ته جيئن سانحي جي اصل ذميوارن جو پتو پئجي سگهي.

Bookmark the permalink.