تازا ترين
  • حيدرآباد: اسپيشل برانچ جو انسپيڪٽر راڻا شفيق ڪورونا ۾ وٺجي ويو*
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*

سپريم ڪورٽ سموري ملڪ ۾ شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽون کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ننڍن دڪاندارن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي: چيف جسٽس

ننڍن دڪاندارن کي ڪاروبار ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي، ڇنڇر ۽ آچر تي به پوري ملڪ ۾ مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز کوليا وڃن: چيف جسٽس گلزار احمد

ڇا ڪورونا ٻڌائي ايندو آهي ته هو ڇنڇر ۽ آچر تي ايندو ۽ ٻين ڏينهن ۾ نه ايندو، غريب ماڻهو صرف عيد تي نوان ڪپڙا وٺندو آهي: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪراچي جون سموريون مارڪيٽون کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته ننڍن دڪاندارن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي آهي، چيف جسٽس پاڪستان ٻڌڻي دوران چيو ته سموري ملڪ ۾ شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽون کولڻ جو حڪم ڏيون ٿا، چيف جسٽس چيو ته تمام گهڻا ماڻهو صرف عيد تي ڪپڙا وٺندا آهن، ڪمشنر ڪراچي عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائي، دڪان بند ڪرائڻ بدران ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، سنڌ حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪورونا ٻڌائي ايندو آهي ته هو ڇنڇر ۽ آچر تي ايندو ۽ ٻين ڏينهن ۾ نه ايندو، ڇنڇر ۽ آچر تي به مارڪيٽون بند نه ٿينديون، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ننڍن دڪاندارن کي ڪاروبار ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي، ڇنڇر ۽ آچر تي به پوري ملڪ ۾ مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز کوليا وڃن،

Bookmark the permalink.