تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

سي سي آءِ اجلاس 90 ڏينهن بدران هڪ سال کانپوءِ طلب

آخري اجلاس نومبر 2018ع ۾ ٿيو هو بعد ۾ وفاقي حڪومت اجلاس ئي نه گهرايو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آئيني طور تي 90 ڏينهن اندر هڪ اجلاس طلب ڪرڻ جي پابندي هجڻ باوجود وفاقي سرڪار لڳ ڀڳ هڪ سال کان پوءِ سي سي آءِ جو اجلاس طلب ڪيوآهي، سي سي آءِ جو آخري اجلاس نومبر 2018 ۾ ٿيو هو، پر نومبر 2018ع کان پوءِ 11 ڊسمبر تي طلب ڪيل سي سي آءِ جي اجلاس جي 10 نڪاتي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ انتهائي اهم مامرن کي شامل ڪيو ويو آهي، سي سي آءِ جي ايجنڊا ۾ 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جا حتمي نتيجا ٽن سالن کان پوءِ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جي مامري کي به شامل ڪيو ويو آهي، سي سي آءِ جي ايجنڊا ۾ اٺين نمبر تي پاڻي ورڇ بابت اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جي سفارشن تي به غور ڪرڻ جو مامرو شامل ڪيو ويو آهي، سي سي آءِ جي سال 17-2016ع جي سالياني رپورٽ جاري ڪرڻ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وئي آهي، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ بلوچستان ۽ پنجاب حڪومت پاران ايف بي آر جي غيرقانوني ڪٽوتين ڪرڻ واري مامري تي به غور ٿيندو، صحت ۽ عام ڀلائي جي مختلف منصوبن جي فنڊنگ جي مامرن تي به فيصلي لاءِ غور ٿيندو، سي سي آءِ پاران اي او بي آءِ جي مامرن بابت قائم ڪاميٽي جي مامرن تي غور ڪرڻ کانسواءِ اين سي ايڇ ڊي اسڪولن جي مستقبل توڙي 18هين ترميم بعد اعليٰ تعليم متعلق مامرن تي به غور ڪيو ويندو، سي سي آءِ اجلاس ۾ پيٽروليم پاليسي 2012ع ۾ ترميم، حويلي بهادر شاهه ۽ بلوڪي پاور پلانٽن جي نجڪاري ڪرڻ جي تجويز تي به منظوري لاءِ غور ٿيندو.



Bookmark the permalink.