تازا ترين
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

سيوهڻ ۾ ناريءَ سان مبينا لڄالٽ ڪيس: الزام هيٺ آيل جج کي ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ جاچ ٽيم سان سهڪار جو حڪم

ڄامشورو جي عدالت ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي، معطل جج امتياز ڀٽو پيش ٿيو

پهرين جاچ ٽيم آڏو بيان رڪارڊ ڪرايو، پوءِ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿيندي: عدالت

ڪوٽڙي(رپورٽر) سيوهڻ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ناري سلميٰ بروهي سان سول جج امتياز ڀٽو پاران مبينا زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل جج امتياز ڀٽو پڪي ضمانت ڪرائڻ ڄامشوري جي عدالت ۾ وڪيل سان گڏ پهتو. عدالت ۾ حيدرآباد پوليس جي جاچ ٽيم جو ڊي ايس پي اورنگزيب عباسي به موجود هو. ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت معطل جج کي چيو ته توهان جاچ ٽيم سان ڇو سهڪار نٿا ڪريو، پهريان توهان جي جاچ ٽيم آڏو بيان رڪارڊ ڪرايو پوءِ ضمانت جي ٻڌڻي ڪئي ويندي. عدالت پاران معطل جج کي جاچ ٽيم سان سهڪار ڪرڻ، بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سيمپل ڏيڻ جي حڪم کانپوءِ ڪيس جي ايندڙ تاريخ 21 فيبروري رکي وئي آهي.

Bookmark the permalink.