تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

سيفٽي ڪميشن ۾ آءِ جي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور، ٻين پوليس آفيسرن کي اجلاس مان نيڪالي

”اوهان واپس وڃو“: ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ يعقوب منهاس، ڊي آءِ جي خالق شيخ کي موٽايو ويو

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام جي اڳواٽ رٿيل پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت بدران وزيراعظم وٽ حاضري، سيفٽي ڪميشن سخت ناراض، وڏي وزير مرادعلي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر ڪليم امام خلاف ٺهراءُ پيش ڪندي ايڊيشنل آءِ جي سميت ٻين آفيسرن کي ڪڍي ڇڏيو، پبلڪ سيفٽي ڪميشن پنهنجي قرارداد ۾ چيو آهي ته آءِ جي لڳاتار ٻن اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو آهي، هو صوبي جي هن آئيني فورم کي اهميت ڏيڻ نٿو ڏئي، ان ڪري سيفٽي ڪميشن سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي آءِ جي انهي عمل کي غيرذميواري سمجھي ٿي ۽ مذمتي ٺهراءُ پاس ڪري ٿي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ کي گٽڪي تي پابندي، مين پڙي ۽ ٻي منشيات خلاف ٿيل ڪاررواين، شهيد بينظير آباد يونيورسٽي جي شاگردياڻين سان لاڳاپيل مسئلن، محرابپور ۾ ٻارڙي تي تشدد ۽ پيرڳوٺ ۾ هڪ ٻار جي خودڪشي واري واقعي بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻي هئي، گڏوگڏ آءِ جي سنڌ کي سالياني پوليسنگ پلان، ضلعي سطح تي ٺهندڙ پبلڪ سيفي ڪميشن تي صلاح مشورا ڪرڻ هئا پر آءِ جي سنڌ ڪليم امام پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ اچڻ بدران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سياسي گڏجاڻي ۾ هليو ويو، اجلاس ۾ موجود وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته مون کي آءِ جي سنڌ ٻڌايو هو ته وزيراعظم اسلام آباد ۾ هڪ هنگامي اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ مون کي شرڪت لاءِ سڏايو ويو آهي. اجلاس ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي ميمبر ڪرامت علي ٻڌايو ته وزيراعظم وارو اجلاس هنگامي اجلاس نه هو، اهو ڊسمبر کان به اڳ ۾ طئي ٿيل هو. پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي ٻين ميمبرن چيو ته آءِ جي لڳاتار ٻن اجلاسن مان غير حاضر رهيو آهي، شايد هو شريڪ ٿيڻ نٿو چاهي، اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته آءِ جي شعوري طور هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ نٿو چاهي. اجلاس ۾ سماجي اڳواڻ ڪرامت علي مذمتي قرارداد پيش ڪئي، جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، قرارداد ۾ چيو ويو ته پبلڪ سيفٽي ڪميشن آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي لڳاتار غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿي، آءِ جي اسلام آباد ۾ هڪ سياسي اجلاس ۾ شرڪت کي اهميت ڏني آهي پر سنڌ اندر هڪ آئيني باڊي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ مناسب نه سمجھيو. اهڙي قرارداد منظور ٿيڻ بعد پبلڪ سيفٽي ڪميشن احتجاج طور ايجنڊا ۾ شامل پوليس سان لاڳاپيل سمورا معاملا ملتوي ڪري ڇڏيا ۽ انهن تي ڪو به بحث نه ڪيو . جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيل ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي يعقوب منهاس۽ ڊي آءِ جي خالق شيخ کي ميٽنگ ۾ سڏائي ٻڌايو ويو ته آءِ جي جي رويي تي سيفٽي ڪميشن ناراض آهي، ڪميشن سندس خلاف قرارداد پڻ پاس ڪئي آهي، ان ڪري اوهان واپس وڃي سگھو ٿا.

Bookmark the permalink.