تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سيراڻي ۽ ڀرپاسي غير معياري ۽ ناقص زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ ٻج جو وڪرو، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ

سيراڻي(رپورٽ: شاهنواز چاوڙو) بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي واري شهر سيراڻي ۽ ڀرپاسي ۾ نان رجسٽرڊ ٻہ نمبر غيرمعياري زرعي ڀاڻ، ٻج ۽ جيت مار پيسٽيسائيڊ دوائون دڪاندار بنا لائيسنس جي سرعام وڪرو ڪري رهيا آهن. زراعت کاتي بدين پاران ٻہ نمبر ۽ غيرمعياري زرعي دوائون جي غيرقانوني وڪرو ڪندڙن خلاف ڪنهن بہ قسم جي ڪارروائي نہ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب دوائن جا اسپري ڪرڻ باوجود فصلن تان مرض ختم نہ ٿي رهيا آهن ۽ بار بار اسپري ڪرڻ جي باوجود غيرمعياري دوائون هئڻ جي ڪري فصلن کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن تہ آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. آبادگار ڏينهنون ڏينهن ڪنگال ٿيندا پيا وڃن. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي تہ سيراڻي شهر ۾ زراعت کاتي بدين وارا ايندا آهن پيسٽيسائيڊ جي دڪانن تي چانھه بسڪيٽ کائي دڪاندارن سان ڪچهري ڪري واپس روانا ٿي ويندا آهن، ڪنهن بہ قسم جي ڪارروائي نہ ڪندا آهن. آبادگار اڳواڻن مرتضيٰ، خالد اختر، ياسين حسين ۽ ٻين “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو تہ اسان جي فصلن تي پن ويڙهي مرض حملو ڪيو آهي، اسان سيراڻي شهر مان هزارين رپين جون زرعي دوائون ورتيون آهن، بار بار فصلن تي اسپري ڪرڻ باوجود ٽڪي جو اثر نہ ڪيو اٿن. مرضن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. غيرمعياري دوائون هئڻ ڪري اسان جا فصل بہ سڙي چٽ ٿي ويا آهن زراعت کاتو بدين ڇو خاموش آهي؟ ٻہ نمبر دوائن جون شڪايتون ڪيون ٿا تہ اسان کي خاموش ڪرڻ لاءِ بااثر هئڻ ڪري اسان کي ڌمڪائن ٿا هنن وڌيڪ چيو تہ اسان اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪريون تہ ٻہ نمبر زرعي پيسٽيسائيڊ هلائيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.