تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

سيراڻي جي نريڙي ڍنڍ تي آباد مهاڻا بنيادي سهولتن کان به محروم

سيراڻي: لاڙ جي راڻي قديمي ڍنڍ نريڙي تي آباد مهاڻن جون وسنديون اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جتي صحت، تعليم، پيئڻ جو صاف پاڻي، روڊ رستن جهڙين سهولتن جي اڻاٺ آهي، جڏهن ته سمنڊ ويجهو هئڻ سبب کوهن نلڪن جو جر وارو پيئڻ جو پاڻي کارو بڻجي ويو آهي دٻن ۾ بيٺل گدلو بدبودارپاڻي ۽ شگرانڊاسٽرين ۽ فيڪٽرين جو سم نالن ۾ ڇوڙ ٿيندڙ ڪيميڪل وارو زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب سويڻ مهاڻا پيٽ جي خطرناڪ بيمارين ڊائريا،نمونيا،دست،هيپاٽائيٽس بي سي جهڙيون وبائي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. مهاڻن جي روزگار جي وسيلن تي اڄ به بااثر وڏيرا، ٺيڪيدار، سياسي اڳواڻ ۽ ڪامورا قابض آھن، کين بدترين تشدد جو نشانو بڻائي جيلن ۾ واڙيو وڃي پيو، پاڪستان ۾ 40 لک مھاڻا سالياني 6 لک 65 ھزار ميٽرڪ ٽن مڇي جي پيداوار ڏين ٿا، جن مان مٺن پاڻين مان 1 لک 85 ھزار ميٽرڪ ٽن ۽ سمنڊ مان 4 لک 80 ھزار ميٽرڪ ٽن مڇي جي پيداوار حاصل ڪئي وڃي ٿي، جنھن مان حڪومت کي ساليانو 12 ارب رپيا زرمبادلي طور رقم حاصل ٿئي ٿي، تنھن ھوندي به رياست ماھيگيرن جي روزگار ۽ حقن جي حفاظت لاءِ اڃان تائين ڪا به فشريز پاليسي جوڙي نه سگھي آھي، جنھن ڪري ملڪ جا لکين مھاڻا سماجي ۽ معاشي پٿراءُ جو شڪار آھن. سيراڻي، بدين،ٺٽي،سجاول جا ڪيترائي مهاڻا مڇي جي شڪار سانگهي سمنڊ مان گرفتار ٿيا آهن ڀارتي جيلن ۾ واڙيل آهن، سندن وارث اڄ به سندن واٽون نهاري رهيا آهن. پورهيت مهاڻن ۾ ڀورو ملاح، الهجڙيو گهونو، اشرف ملاح، مهيار، الهڏنو ۽ ٻين ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته اسان وٽ کاڌ خوراڪ راشن ختم ٿي ويو هي، ڪنهن به اسان جي مدد نه ڪئي آهي. بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، اسان جي مدد ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.