تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

سيتا ۾ نينگريءَ کي وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل: ماءُ پيءُ ۽ خريد ڪندڙ سوڌو 5 جوابدار نامزد: نينگري سيف هائوس ۾ روئي روئي بيحال

نينگري سونهن کي 3 لک رُپين عيوض وڪرو ڪرڻ جو ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ٿيو

نينگري سونهن 2 ڏينهن اڳ دادو ٿاڻي تي پهتي ۽ والدين خلاف دانهيندي تحفظ جي اپيل ڪئي

دادو (رپورٽر) سيتا ۾ معصوم نينگريءَ کي وڪرو ڪرڻ جو ڪيس والدين سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل ٿي ويو. ميهڙ ڀرسان ڪچي جي ڀنڊ ماڙي ٿاڻي تي نينگري نجما عرف سونهن کي مبينا طور وڪرو ڪرڻ جو ڪيس سندس والدين سوڌو 5 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو. سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ٿيل ڪيس ۾ نينگري سونهن جي والد ماهي خان، والده مسمات ڪونج، 3 لک رُپين ۾ خريد ڪندڙ گلزار ڪولاچي ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.
نينگري سونهن 2 ڏينهن اڳ دادو ٿاڻي تي پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي ۽ دانهيو هو ته کيس والدين اهڙي شخص وٽ وڪرو ڪيو آهي، جيڪو اڳ ئي 8 ٻارن جو پيءُ آهي. پوليس نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت کيس سيف هائوس دادو موڪلي ڇڏيو هو. نينگري سيف هائوس دادو ۾ روئي روئي بيحال ٿي وئي آهي.

Bookmark the permalink.