تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

سيتاروڊ ڀرسان گڏهه گاڏي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ڦلجي واسي صحت کاتي جو ملازم فوت، 2 زخمي

سيتا روڊ (ن پ ) سيتاروڊ ڀرسان گڏهه گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 55 سالن جو موٽرسائيڪل سوار سيد محمد شاهه فوت ٿي ويو، جڏهن ته نويد راجپوت ۽ نظير منگي سخت زخمي ٿيڻ ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو. مليل ڄاڻ مطابق فوتي ڦلجي اسٽيشن جو رھواسي ۽ هيلٿ کاتي جو ملازم ھو، جيڪو ٿرڙي محبت وڃي رھيو ھو ته بالي شاهه ڦاٽڪ وٽ حادثو پيش آيو. سنڌي ٻٽڙا پوليس فوتي جو لاش ۽ زخمي کڻي سيتاروڊ ھيلٿ سينٽر پهچايو، جتان فوتي جو لاش وارث کڻائي ويا.

Bookmark the permalink.