تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سياسي سماجي ڌرين چئن سالن جي عرصي کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو

ڄامشورو: ڄامشوري جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن چئن سالن جي عرصي کي مڪمل طور ناڪام قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته لوڪل گورنمينٽ نظام ۾ اهڙيون تبديليون آنديون وڃن ته جيئن ڪرپشن تي ڪنٽرول ٿيڻ سان گڏ پڙهيل لکيل ماڻهو اچي سگهن، جڏهن ته عورتن جون سيٽون به وڌڻ گهرجن. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي سياسي سماجي اڳواڻن ساگر عالماڻي، اين بي کوسو، غلام نبي کوسو ۽ ٻين چيو ته چونڊيل نمائندن ووٽ وٺڻ وقت جيڪي واعدا ڪيا انهن مان هڪ به نه پاڙيو آهي، هنن چيو ته علائقن جي حالت اڳ کان به بدتر ٿي وئي آهي، اڪثر علائقن ۾ برسات سبب مهينو گذري وڃڻ باوجود به پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، هنن چيو ته شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نظر ناهن آيا، ڪروڙين روپين جي بجيٽ رڳو ڪاغذ ۾ دفن ٿي وئي آهي. هنن چيو ته اليڪشن دوران عورتن جو سيٽون وڌايون وڃن ۽ مڪاني ادارن ۾ تبديليون آنديون وڃن، جيئن ايندڙ دور ۾ علائقن جا مسئلا حل ٿي سگهن.

Bookmark the permalink.