تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

سيارو ايندي ئي راڻيپور ۾ لائيءَ جي وڪري ۾ واڌ

راڻيپور( روپورٽ رضا راڄپر) سيارو شروع ٿيندي راڻيپور ۾ لائي کپائڻ ۾ وڌارو اچي ويو کنڊ، ڳڙ، ڀڳڙن ۽ ترن جي لائي جوتيزي سان وڪرو ڪيترن ئي لائي جي اسٽالن تي رش لڳي پئي آهي ان ڏس ۾ لائي ٺاهيندڙ ڪاريگرن فقير محمد جوڳي، سڪندر ميمڻ، فدا حسين جوڳي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جيئن سيارو شروع ٿيندو آھي اسان لائي ٺاهڻ شروع ڪندا آھيون پهريون چاس ٺاهيندا آھيون ان ۾ اسان کنڊ مکڻ ۽ چانورن جا ڦلا ملائي چاس تي پچائيندا آھيون، 20 منٽن ۾ هڪ تئي پچندي آھي لائي ٺھڻ مهل جيڪا پچائڻي هوندي آھي ان ۾ مصالحو وجهندا آھيون اسان وٽ کنڊ، ڳڙ، ڀڳڙن، ترن، مڱ جي لائي ۽ وڙو ٺاهيو ويندو آھي کنڊ جي لائي ۽ ڳڙ جي لائي وڌيڪ ٺاهي ويندي آھي جيڪا گهڻي مقدار ۾ کپندي آھي هنن ٻڌايو ته اسان مزدور ماڻھو آھيون اسان کي ڏهاڙي 500 رپيه ڏني ويندي آھي، دڪان مالڪ سليم ملڪ ڪامران ملڪ گڊو ملڪ ٻڌايو ته مهنگائي تمام وڌي وئي آھي اسان دڪان جو مال پنجاب مان گهرايون ٿا جنهن ڪري بچت تمام گهٽ ٿئي ٿي



Bookmark the permalink.