تازا ترين
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

سوڀوديرو ۾ سرعام قتل ٿيل ڊاڪٽر جي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو: 5 ڏوهارين کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڊاڪٽر منظور علي ميمڻ کي سال 2011ع ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو

خيرپور جي ماڊل ڪورٽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ به قيد جي سزا ٻڌائي

خيرپور (رپورٽر) سوڀوديرو ۾ ڊاڪٽر جي سرِعام قتل واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 ڏوهارين کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو آيو آهي. خيرپور جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر منظور علي ميمڻ جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس طرفان ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن کي پيش ڪيو ويو. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج جوابدارن امام بخش ميمڻ، مولا بخش، عبدالڪريم ميمڻ، خدا بخش ميمڻ ۽ الهوڌايو ميمڻ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ هڪ-هڪ لک رُپيا ڏنڊ به رکيو، جيڪو نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدارن کي وڌيڪ 6-6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي. ماڊل ڪورٽ ساڳين جوابدارن کي غيرقانوني طور هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ به 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
واضح رهي ته سال 2011ع ۾ سوڀو ديرو جي ڳوٺ ڪوڙو ميمڻ ۾ ڊاڪٽر منظور علي ميمڻ هوٽل ڀرسان بيٺو هو ته کيس فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.



Bookmark the permalink.