تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سون کي ٻيهر پر لڳي ويا: 24 ڪلاڪن ۾ في تولي تي 1500 رپيا واڌ

ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) سون کي پر لڳي ويا ، 24 ڪلاڪن ۾ في تولي تي 1500 رپيا واڌ ، چاندي به 47 رپيا مهانگي، ڊالر ، پائوند ۽ يورو ۾ به گهٽتائي، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 1500 رپيا اضافي سان 121100 مان 122600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن تي چاندي 47 رپيا واڌ سان 1672 مان 1719 رپيا في تولو تي پهتي. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا لاٿ سان 166.5 مان 166.4 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته برطانوي پائونڊ ڏيڍ رپيا گهٽتائي سان 216.5 مان 215 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا لاٿ سان 197.5 مان197 رپيا ٿي ويو

Bookmark the permalink.