تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

سون اگهه ۾ وڌيڪ 1700 رپيا واڌ: ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) سون جي اگهه ۾ وڌيڪ 1700 رپيا واڌ: ڊالر جي ملهه ۾ 10 پئسا لاٿ، چاندي جو تولو 1000 رپين جو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون جي اگهه ۾ تيزي جو لاڙو برقرار آهي، ڪالهه سون جي اگهه ۾ في تولي تي 1700 رپيا واڌ آئي، جنهن بعد سون جو اگهه 86200 مان وڌي 87900 رپيا في تولو ٿي ويو، واضح رهي ته 12 ڏينهن ۾ سون جي اگهه ۾ مجموعي طور تي 4350 رپيا في تولو واڌ ٿي آهي، ٻئي طرف چاندي جو تولو گهٽجي 1000 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 10 پئسا لاٿ سان 155.1 مان گهٽجي 155 رپيا ٿي ويو،



Bookmark the permalink.