تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

“سول اسپتال نوشهروفيروز جا مسئلا حل ڪيو” شهرين جو مظاهرو

نوشهروفيروز(رپورٽر) سول اسپتال نوشهروفيروز کي اپ گريڊ نه ڪرڻ وينيٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ خلاف شهرين پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاج جي 29 مهينن کان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. احتجاج ڪندڙ اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، خالد سيف الله، محمد ياسين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي جڏهن ته پئٿالاجسٽ، دل، سرجري، نڪ، گلي، گردن، الٽرا سائونڊ ۽ ڊائلاسز سينٽر ۾ نيفرولاجسٽ سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون اڻ لڀ آهن. بيمار مريضن کي ريفر ڪرڻ سميت مري ويندڙ مريضن جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ٿي ڏني وڃي. داخل مريضن کي ماني به ناهي ملندي پر ماني ۽ تيل جي ناهي تي ماهوار لکين رپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا. هنن چيو ته سول اسپتال کي اپ گريڊ ڪري وينٽيليٽر انسٽال ڪري سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

Bookmark the permalink.