تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سول اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي، لاش 10 ڪلاڪ پيل رهيو

حيدرآباد: سول اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪو ليگل شعبي جي انتظاميا لاپرواهي جا انوکا مثال قائم ڪري ڇڏيا، وڪيلياڻي جو لاش 10 ڪلاڪن تائين بنا پوسٽ مارٽم جي مرده خاني ۾ پيل رهيو. ايڊووڪيٽ صبا عروج، ايڊووڪيٽ امبرين سيال ۽ ٻين موجب ته وڪيلياڻي صوبيه جو لاش سندس ڀيڻ ايڊووڪيٽ سميرا 2 وڳي پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪو ليگل شعبي کڻي پهتي ته اتي ڪو به ڊاڪٽر توڙي ليڊي ايم ايل او موجود نه هئي ۽ هن بار بار سول اسپتال جي ايم ايس سميت ٻئي انتظاميا سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن به سندس داد رسي نه ڪئي. وڪيلياڻين موجب ته هو صبح جو 9 وڳي اسپتال پهتيون، ان ٽائيم تي به ڪو ڊاڪٽر توڙي عملو موجود نه هو جنهن بعد هاءِ ڪورٽ بار جي قائم مقام صدر فرهاد علي ابڙو پهچي ڪوششون ورتيون ان کانپوءِ ليڊي ايم ايل او پهچي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو.

Bookmark the permalink.