تازا ترين
  • آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جي چوڻ تي ڪيل ٽن قتلن ۾ ملوث آهيان: نثار مورائي جو اعتراف*آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جي چوڻ تي عالم بلوچ کي قتل ڪيو ويو: نثار مورائي*1997ع ۾ نثار مورائي، نواب لغاري، ظفر ميراڻي ۽ سندس سالي حيدرآباد ۾ عالم بلوچ کي قتل ڪيو*آصف زرداري ٽنڊي الهيار ۾ 4 ڪروڙ رپين عيوض عالم بلوچ جي ويڳي ڀاءُ کان زمين خريد ڪئي: نثار مورائي*
  • ڪراچي:عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ ٽائيم نيوز کي ملي وئي*ڪراچي: عذير بلوچ 185 ماڻهن کي قتل ڪيو: جي آءِ ٽي رپورٽ*ڪراچي: عذير بلوچ 2003ع ۾ ارشد پپو هٿان پنهنجي پيءَ جي قتل غفار ذڪري گروپ جوائن ڪيو*عذير بلوچ جي سفارش تي ايس پي اقبال ڀٽي لياري ٽائون جو ٽي او مقرر ٿيو:جي آءِ ٽي رپورٽ*
  • *امريڪا 100 وينٽيليٽرز پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيا آهن: امريڪي سفارتخانو *100وينٽيليٽرز جي کيپ ڪراچي پهچي وئي:امريڪي سفارتخانو *وينٽيليٽرز يو ايس ايڊ طرفان ڏنا ويا آهن: امريڪي سفارتخانو *وينٽيليٽرز جي ماليت 3 ملين ڊالر آهي: امريڪي سفارتخانو *ڪورونا خلاف جنگ ۾ واشنگٽن پاڪستان سان گڏ آهي: امريڪي سفارتخانو *
  • *شهباز شريف جو وڊيو اسڪيندل ۾ جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ واري فيصلي تي ردعمل *ثابت ٿي ويو ته نواز شريف خلاف فيصلو سچ تي ٻڌل نه هو: شهباز شريف *انصاف جي تقاضا آهي ته نواز شريف جي سزا فوري طور ختم ڪئي وڃي: شهباز شريف*
  • *سانگهڙ ۾ وڌيڪ 48 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 569 ٿي ويو *332ڄڻن مان 8 عورتن ۽ ٻن ڊاڪٽرن سميت 48 جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *لعلورائنڪ: بيسڪ هيلٿ سينٽر جي ٽن ملازمن جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ٽي ڏينهن اڳ اسپتال جي سموري عملي جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 3ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق *لعلورائنڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 5ٿي ويو، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *
  • *جيڪب آباد: بجلي ٺاهڻ دوران ٿنڀي تان ڪري فوت ٿيل پرويز دستي جي وارثن جو احتجاج *فوتي پرويز دستي جي وارثن پاران قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو، سيپڪو انتظاميه خلاف نعريبازي *اسان جي نوجوان کي سارش تحت قتل ڪيو ويو آهي: وارث *
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار *چيف جسٽس اطهر من الله بنا ماسڪ وارن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت ماسڪ بغير ايندڙ ماڻهن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي آهي: چيف جسٽس*
  • *راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾پوليس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي *ڏوهارين ۽ پوليس ۾مقابلو، هٿياربندن پاران اي پي سي چين مشين تي راڪيٽ فائر *ايس ايڇ او خانپور مهر مٺل ککراڻي، ايس ايڇ او جروار وحيد ڀٽو ۽ اي ايس آءِ سهراب چاچڙ سميت 7 اهلڪار زخمي *قتل ڪيس ۾گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي ته ڏوهاري سان مقابلو ٿي پيو: پوليس *
  • *عمرڪوٽ: نيشنل بئنڪ ٻاهران ماڻهن جا هجوم لڳل، ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو خدشو *انتظاميا سماجي وٿيءَ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام *
  • *چڪ ويجهو 3 ڏينهن اڳ ٻڏي ويل پيرسن جو لاش اسلام پتڻ وٽان هٿ *غريب آباد محلي واسي پيرسن محمد عمر ربنائي مهر جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *گهوٽڪي: مريد شاخ ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، ٻن عورتن سميت4 ڄڻا فوت، ڊرائيور زخمي *ڪلٽي ٿيڻ بعد ڪار کي باهه لڳي، فوتين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي *لاش ۽ زخمي ڊرائيور کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪار ڪراچي کان پنجاب طرف وڃي رهي هئي، ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب حادثو پيش آيو *
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار ڊائريڪٽر هيلٿ جي عهدي تان هٽايل آفيسر کي ٻيهر مقرر ڪري ڇڏيو *ڪراچي: ڪي ايم سي جي 19هين گريڊ جي سلمه ڪوثر عباسي ڊائريڪٽر طور مقرر *ڪراچي:سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري *
  • *پنو عاقل: ڪورونا جا وڌيڪ 4ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ58 ٿي ويو *2 ڏينهن اڳ51 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، چئن ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *سنجهوري ۾استاد جي گهران چوري جو ڊراپ سين، سندس ننهن ملوث نڪتي، سامان هٿ *ثناءُ الله آرائين جي گهران ٿيل چوري ۾سندس ننهن لائبه ۽ ان جو ڀاءُ ڪاشف ملوث آهن: پوليس *جوابدارن جي نشاندهي تي هڪ لک 15 هزار رپيا روڪ ۽ 4 چوڙيون هٿ ڪيون آهن: پوليس *

سوال/سروي …نيٺ ٿيندو ڇا ؟…ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ويڪسين به نٿي ملي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي ڇا اوهان جي شهر ۾ ويڪسين ملي ٿي؟ جنهن تي جواب ڏيندي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان جي شهرن ۾ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين نٿي ملي ان کانسواءِ شهرن ۾ رولو ڪتن جو آزار به وڌي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڇتن جو آزار ختم ڪري ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، سوال/سروي جي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مارفاڻي ايم ڪي لکيو ته اسان جي ضلعي اسپتال قمبر کان علاوه پي پي ايڇ آءِ ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ويڪسين ملي ٿي، ميونسپل کي ڪتا مار مهم هلائڻ گهرجي، ضمير انصاري لکيو ته بوزداروڏا ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪتي چڪ کان بچاءَ جي ويڪسين ايندي ئي ناهي، وحيد مستوئي لکيو ته ڪتن جي چڪ جي ويڪسين مورو م ته ملي ٿي پر ڪتا نٿا ماريا وڃن، قادر بخش شر لکيو ته اسانجي تعلقي سنڌڙي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين اڻلڀ آھي 15 ڪلو ميٽر پري ڦلهڏيون اسپتال وڃڻو پوي ٿو، اعجاز گشڪوري لکيو ته ٽالھي اسٽيشن جي اسپتال ۾ ڪتن واري ويڪسين ناهي جنهن لاءِ شهرين کي نبي سر جي پي پي ايڇ آئي اسپتال يا تعلقي اسپتال ڪنري منتقل ڪيو وڃي ٿو، شهبان خان لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ ويڪسين نٿي ملي،مسرور شر لکيو ته اسان جي پڪاچانگ جي سرڪاري اسپتال م ڇتي ڪتي جي ويڪسين ته ٺھيو پر پيٽ جي سور جي گوري به نٿي ملي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي اڪثر اسپتالن جيان لاکاروڊ بي ايڇ يو ۾ به ڇتي ڪتي جي ويڪسين موجود نه آھي، جبار لغاري لکيو ته پوري ڪنگري تعلقي ۾ ويڪسين موجود نه هوندي آهي گمبٽ ۽ ڊي ايڇ او آفيس جا ڌڪا کائڻا پوندا آهن، عبدالحفيظ گشڪوري لکيو ته بي ايڇ يو پلس سينٽر ٽالهي جي اسپتال ۾ ڪتن جي چڪ جي ويڪسين ناهي، محرم خاخصيلي لکيو ته تعلقا اسپتال مانجهند ويڪسين ته پري جي ڳالهه آهي بخار جو سيرپُ به نٿو ملي سگهي،عبدالنبي شر لکيو ته اسان جي شھر ٺري ميرواهه ۾ ويڪسين ناهي ڏني ويندي، خادم گهراڻو لکيو ته نصرپور ۾ رولو ڪتن جو آزار حد کان وڌيڪ آهي، هتي رورل اسپتال ۾ ويڪسين ڏني ويندي آهي، ڪتا مار مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، عبدالرزاق نندواڻي لکيو ته تعلقي تنگواڻي ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين ته ملي ٿي پر ھتي ڇتن ڪتن جو آزار گھٽ نٿو ٿئي، باغي مهراج لکيو ته اسان وٽ مٺي شھر جي اسپتالن ۾ ويڪسين ناهي ملندي، ثناءُالله کوسو لکيو ته اسان وٽ پنگريو جي رورل ھيلٿ يونٽ ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين ناھي ڏني ويندي. ايڊووڪيٽ سراج سومرو لکيو ته باڊھ اسپتال ۾ ويڪسين آھي پر ڊاڪٽر ماڻهن کان 200 رپيا وٺندا آهن، مظفر بوزدار لکيو ته بوزدار وڏا ۾ ويڪسين اڻلڀ آهي، مريض کي گمبٽ يا تعلقه اسپتال ٺري ميرواهه منتقل ڪيو ويندو آهي، غلام مرتضيٰ سومرو لکيو ته مٺي ٿرپارڪر ۾ وئڪسين ملي ٿي. ساگر معشوق لکيو اوٻاوڙو ۾ ويڪسين ناهي، عزيز الرحمان لکيو ته ٺيڙھي ۾ ڪتي جي ويڪسين خانگي اسٽورن تان وٺرائي ويندي آهي. راجا حيدر لکيو ته نه پوري تلعقه مانجھند ۾ ويڪسين موجود ناهي، عرفان علي پاڙهو لکيو ته پيرو لاشاري ۾ ويڪسين ڪونهي، بشير سنڌي لکيو ته سيراڻي ۾ ويڪسين ملي ٿي، عبدالخالق خروس لکيو ته رتوديرو تعلقي اسپتال ۾ شروع کان وٺي ڪتي جي ويڪسين جي سهولت موجود ئي ناھي. سميع الرحمان لکيو ته فيض گنج ۾ اسان جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪڏهن ويڪسين ملندي آهي ته ڪڏهن نه، محرم شر لکيو ته هنڱورنو شهر جي اندر ته ڪا اهڙي اسپتال ناهي پر تقريبا 15 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي جتي به ويڪسين نه هجڻ ڪري مريضن کي ٻي اسپتال منتقل ڪيو ويندو آهن، شهزاد رضا ملاح لکيو ته ٽنڊو باگو ۾ رولن ڪتن جو آزار آھي، ان کانسواءِ اختيار ٻٻر، نذير بلوچ، شنڪر باغي، گلاب خاصخيلي، ايچ حسن کوسو، صديق کوسو، عثمان مهر، شريف بلوچ، سنيل گورڙو، هزار خان کوسو، جلال بلوچ، خادم ايچ سومرو، فيض سولنگي، طالب حسين، بشير رضا مهر، غلام سرور کوسو، شاهه گل، راجيش ڪمار ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو ، هنن چيو ته ويڪسن صرف سفارش تي ڏني وڃي باقي غريب ماڻهو کي ويڪيسين ناهي ڏني ويندي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سڄي سنڌ ۾ ڪتا مار مهم هلائي ان کانسواءِ سنڌ جي سمورن صحت مرڪزن ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءُ واري ويڪسين فراهم ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.