تازا ترين
  • *ٺل: ناري آسيا ٻرڙو جو اغوا ڪيس 10ڄڻن خلاف داخل، وارثن ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو *ناري جي ڀاءُ غلام قادر، ڪملو، حيات ٻرڙو سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو *آسيا ٻرڙو کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين *
  • *مٽياري پوليس جي کيبر ڀرسان منشيات فروشي خلاف ڪارروائي، ڳوٺاڻن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون، 3 اهلڪار زخمي، 2 ڳوٺاڻا گرفتار*
  • *وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس *هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 58 ڪيس سامهون آيا: اجلاس ۾ بريفنگ *هلندڙ سال سنڌ ۾ 20، ڪي پي ۾ 21، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا *
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پي ٽي آءِ حڪومت جون پنهنجون بدعنوانيون سامهون اچي رهيون آهن ٻين جو ڇا احتساب ڪندي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ حڪومت ۾ 270 ارب جون بدعنوانيون سامهون آيون آهن ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان جي حڪومت پاڻ ۾ ڪرپشن ٻڏل آهي ته پوءِ ٻين ڇا احتساب ڪندي، هي ته اڃا شروعات آهي، اڳتي اڃا وڌيڪ ڪرپشن سامهون ايندي، عمران خان جي حڪومت ايماندار هجڻ جي دعويٰ ڪندي رهي آهي ۽ ٻين کي ڪرپٽ چوندي رهي آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سرمد عباسي لکيو ته پيٽرول مامري ۾ عوام سان جيڪا ويساهه گھاتي ڪئي وئي،270ارب روپين جي بدعنواني جي پڌري ٿيڻ تي ھنن کي ڪو فرق نه پوندو، پنھنجي اخبار ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽ ٻاھران مھانگي ملهه تي گھرائڻ جي خبر پڙھي لڳي ٿو ته اٽو مافيا تي به مهرباني ڪئي ويندي، راجا رميش لکيو ته هنن کي ته اڃا ٻه سال ٿيا آهن اگر جي وڌيڪ 3 سال رهيا ته پاڪستان جا سڀ ادارا نجي ٿي ويندا، ڪرپشن وڌيڪ سامهون ايندي،امير علي چنا لکيو ته هي حڪومت جي سڌي سنئين نا اهلي آهي جيڪا پارٽي ڪرپشن خلاف هجي اليڪشن جي منشور ۾ هو ڪرپشن خلاف جهاد جو اعلان ڪري عوام سان واعدا ڪري ته پوءِ عوام ڪنهن تي اعتماد ڪري، سليم اختر لکيو ته ڏٺو وڃي ته اھڙين رپورٽن کي ڪير مڃڻ لاء تيار ناهي ھوندو ٻيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جو ان حوالي سان اڃان ڪو موقف ناهي آيو، آڊٽ ۾ لفظ بدعنواني ڏنل آهي، ان ڪري بدعنواني ۽ ڪرپشن ۾ فرق ته آهي، مهاوير واسو لکيو ته اها ته اڃا شروعات آهي وڌيڪ ادارن جي جاچ ٿي ته وڌيڪ ڪرپشن سامهون ايندي، وقار ڏاهري لکيو ته وزيراعظم حڪومت هلائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي هي پاڻ ڪرپشن ڪن ٿا پوءِ ٻين جي ڪرپشن ڪيئن پڪڙيندا، ايم معروف احمداڻي لکيو ته حڪومت ڪرپشن ۾ پاڻ ورتل آهي اها ڇا ٺيڪ ڪندي، شربت علي جعفري لکيو ته هي جيڪا آڊٽ رپورٽن ۾ 270 ارب روپين جو بدعنواني ظاهر ڪئي وئي آهي اهي ابتدا آهي اڃا وڌيڪ جاچ ٿيندي اوتريون وڌيڪ بدعنوانيون ظاهر ٿينديون وينديون آهن، سجاد شيخ لکيو ته عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، نصير حيدر ڇٽو لکيو ته هي حڪومت جي سڌي سنئين نا اهلي آهي، مسرور شر لکيو ته اڃا ته شروعات آهي اڳتي وڌيڪ ڪرپشن سامهون ايندي، عادل الاهي بخش لکيو ته عمران حڪومت ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن هن حڪومت ۾ اٽي جو بحران کنڊ ۽ پئٽرول جو بحران مان واضح ٿئي ٿو ته ناڪام ترين حڪومت آهي، نثار لغاري لکيو ته حڪومت پاڻ ڪرپشن ۾ ورتل آهي پوءِ ٻين کي ڇا ڪندي،ذوالفقار باگڙي لکيو ته چهرا اهي ئي ساڳيا آھن بس رڳو پارٽي بدلائي اٿن، جيستائين هن سسٽم ۾ تبديلي نه ايندي تيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي. مڪيش ڪمار لکيو ته زرداري کان نواز شريف تائين عمران ڪرپشن جا سڀ رڪاڊ ٽوڙي چڏيا آهن، شبير احمد لکيو ته هنن کي ته اڃا ٻه سال ٿيا آهن، خادم گهراڻو لکيو ته جيڪي بدعنوانيون ظاهر ٿيون آهن اها ابتدا آهي، ظفر رند لکيو ته عمران گورنمينٽ کي اڃان 2 سال ٿيا آھن ته هنن مهنگائي عروج تي پهچائي آھي ۽ 270 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي، اسلم سومرو لکيو ته عمران حڪومت ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، شنڪر باغي لکيو ته هن جي پارٽي جو نالو تحريڪ انصاف آھي انصاف ڪندي ڪرپشن ڪئي وئي، عاجز لاشاري لکيو ته پھريان ته عمران خان ڪرپشن الزام ھيٺ آيل پنھجي وزيرن مشيرن کان پئي استعيفائون ورتيون ھاڻي وري سندس وارو آيو اٿس، ھڪ سال اميدون ڏيکاريندڙ وزيراعظم ٻي سال مھانگائي جا بوتل ۾ بند جن پڻ آزاد ڪري ڇڏيا کاڌي پيتي جي شين کان ويندي ٻارڙن جي پيمپر جو ريٽ به عمران جي حڪومت ۾ چاڙھيو ويو آهي، پيٽرول جي ڪري ماڻهو پريشان آهن. رحمت الله ميراڻي لکيو ته ھي صرف ھڪ اداري انڪوائري ڪئي آھي، ته اربن روپين جي بدعنواني ظاھر ٿي آھي، مظفر بوزدار لکيو ته وزيراعظم جيڪو به چيو ان جو ابتڙ ڪيو آهي هن اليڪشن کان اڳ جيڪي به دعويٰ ڪئي سڀ ڳالهيون غلط ثابت ٿيون، عبدالله جروار لکيو ته تبديلي پسندن به ڪم کي ڇڪي رکيو آهي. ذوهيب جيهو لکيو ته وزيراعظم عمران خان کي سخت نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ ھو ان رپورٽ اچڻ کان پوءِ پنھنجو موقف واضع ڪري ڇو
جو سندس منشور ۾ ڪرپشن فري پاڪستان
جو نعرو شامل ھو ۽ان رپورٽ ۾ جن جن وفاقي کاتن
جا نالا شامل آھن انھن سڀني جي جاچ پڙتال ڪرائي حقيقتون سامھون آنديون وڃن ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. سارنگ منير سومرو لکيو
ته کنڊ ڪڻڪ بحران کانپوءِ اها رپورٽ واضح ڪري ٿي ته حڪومت ڪرپٽ آهي، محمد عرفان، ضمير انصاري ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو

Bookmark the permalink.