تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

سوال/سروي ….نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. لاڪ ڊائون يا ڪرفيو؟ عوام جي راءِ ورهايل

ڪورونا واري صورتحال ۾ حڪمران لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو واري معاملي تي منجهيل نظر اچي رهيا آهن اهڙي ريت عوام جي راءِ به لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو واري معاملي تي ورهايل رهي آهي، ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي پوسٽ شيئر ڪئي وئي ته عوام لاڪ ڊائون يا ڪرفيو چاهي ٿو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن اها راءِ ڏني ته لاڪ ڊائون هجي يا ڪرفيو، حڪومت غريب مزدورن جي راشن جو بندوبست ڪري، عوام کي پاڻمرادو گهرن تائين محدود رهڻ گهرجي. سوال/سروي واري سلسلي جي پوسٽ تي اصغر حسين ڪمينٽ ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو اڃان تائين ڪرونا وائرس کي سنجيده نه ٿا وٺن لاڪ ڊائون جي اعلانن باوجود گهرن ۾ نڪري لاڪ ڊائون ڏسن ٿا، ان صورتحال ۾ لاڪ ڊائون ئي مسئلي جو حل آهي پر جيڪڏهن احتياط نٿو ٿئي ته پوءِ ڪرفيو لڳڻ گهرجي،انيل ڪمار لکيو ته ڪرفيو لڳايو وڃي ته بهتر آهي، محمد مٺل چانڊيو لکيو ته ففٽي ففٽي، نجيب الرحمان سومرو لکيو ته ڪرفيو لڳايو وڃي، وويڪ آنند به ڪرفيو جي حمايت ۾ راءِ ڏني، اسلم ابڙو لکيو ته لاڪ ڊائون يا ڪرفيو نه، روڊن تي نڪرندڙ ماڻهن مٿان تشدد مسئلي جو حل ناهي، لاڪ ڊائون سان مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ ڪرفيو لڳايو پر ماڻهن جي تذليل نه ڪريو. عتيق الرحمان لاکو لکيو ته لاڪ ڊائون يا ڪرفيو ڀلي لڳڻ گهرجي پر ان جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته ٻين ذميوارين کان بي خبر ٿي وڃجي، ٽنڊوالهيار ۾ نوجوان عمران رند جي حالت خراب ٿي وئي، ڪورونا وائرس جي خدشي سبب کيس اسپتال ۾ داخل ئي نه ڪيو ويو. حميد گوزئي لکيو ته ماڻهو شهر ۾ رش ڪري ويٺا آهن، ڪورونا وائرس کان بچاءُ جو حل احتياط آهي، موهن لال لکيو ته لاڪ ڊائون باوجود عوام ڪورونا بابت اپاءُ نٿي وٺي، ٻهراڙين ۾ ڪرڪيٽ راند تي ماڻهن جا هجوم آهن، ٻهراڙين ۾ به فوج مقرر ڪئي وڃي. حسين بخش مهر لکيو ته لاڪ ڊائون ۾ سرڪار ناڪام وئي آهي ڪرفيو به ان صورت ۾ صحيح رهندو جڏهن سنڌ سرڪار مزدور طبقي جي ٻن ويلن جي خوراڪ جو بندوبست ڪري سگهي. آفتاب سولنگي لکيو ته ماڻهو ڪورونا وائرس کي سنجيدگي سان نٿا وٺن ان لاءِ بهتر اپاءُ ورتا وڃن. مبين مگسي لکيو ته ڪورونا وائرس جا انگ اکر تيزي سان وڌي رهيا آهن ان صورت ۾ ڪرفيو لڳڻ گهرجي، لاڪ ڊائون ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا ڪاوربار بند ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن پر ماڻهن جا هجوم رهن ٿا. نذير احمد بروهي لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مزدورن لاءِ خوراڪ جو بندوبست ڪري هن مرض کي ماڻهو مذاق سمجهن ٿا، پوءِ لاڪ ڊائون هجي يا ڪرفيو، بس عوام پنهنجي حفاظت ۾ هجي. ان کانسواءِ نوشاد خاصخيلي لکيو ته لاڪ ڊائون يا ڪرفيو ڪير به نه چاهيندو اهو خطرناڪ عمل هوندو، اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي ڪرفيو نه لڳائڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.