تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

سهرو ۽ مڙس بدپيشو ڪرائين ٿا: نوشهروفيروز واسڻ جو وارثن سوڌو نواب شاهه ۾ احتجاج: اوڇنگارون ڏئي روئندي رهي

بدپيشي کان انڪار تي وحشياڻي تشدد جو نشانو بنايو ويندو آهي: ناري

نوشهروفيروز پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي دانهن نٿي ورنائي: مظاهرين

نوابشاهه (رپورٽر) نوابشاهه جي رهواسڻ سميرا زال نديم هوت سهري ۽ مڙس خلاف پريس ڪلب پهچي وئي، بدپيشو ڪرائڻ جو الزام، ناري نوابشاهه پريس ڪلب پهچي انڪشاف ڪيو ته هڪ هفتو اڳ منهنجي سهري علي گل ۽ مڙس نديم هوت جي مرضي سان ٻن جوابدارن احمد سابقي ۽ الهه وسايو مون سان زنا ڪئي، ٻين ماڻهن کان به زبردستي منهنجو سهرو ۽ مڙس بد پيشو ڪرائيندا هئا، انڪار ڪرڻ تي مونتي سخت تشدد ڪندا هئا، هلڻ کان به لاچار ٿي وئي آهيان. هن چيو ته مان مڙس ۽ سهري جي ظلمن کان تنگ ٿي پنهنجي مائٽن وٽ پهتس، نوشهروفيروز پوليس وٽ ويس پر نوشهروفيروز پوليس اسان کي چيو ته زيادتي نوابشاهه ۾ ٿي آهي، توهان نوابشاهه وڃون پر پوليس اسان جي ڪابه مدد نٿي ڪري، مونسان مسلسل زيادتي ڪندڙ احمد سابقي، الهه وسايو سابقي ۽ مونسان زوري زنا ڪرائيندڙ سهري علي گل ۽ مڙس نديم هوت خلاف به ڪيس داخل ڪيو وڃي. هنن چيو ته حياتي کي خطرو آهي، انصاف ڪيو وڃي.



Bookmark the permalink.