تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

سن ۾ سفوا جي گڏجاڻي، ضلعي ۽ تعلقي جون باڊيون چونڊيون ويون

سن ( ن پ ا ) سن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان مانجھند تعلقي جي فنڪارن جي ميزباني هيٺ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سفوا جي مرڪزي اڳواڻ سيد منور علي شاھ ، رفيق زئور ،مينر سيال مصطفى ملاح ۽ تعلقي جي ننڊن وڏن فنڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سفوا جي مرڪزي اڳواڻ سيد منور علي شاھ چيو ته سفوا جو منشور سنڌ جي فنڪارن جي مالڪي ڪرڻ آهي اسان پاڻ ۾ متحد ٿي هڪ آواز بڻجي پنهنجا حق حاصل ڪري سگھون، پنهنجن بيمار فنڪارن جي سٺي نموني سان مالڪي ڪنداسون، رفيق زئور چيو ته اسان سفوا تنظم جي مدد سان اسان پنهنجن فنڪارن طاقت بڻجي پونداسون گڏجاڻي کي ضلعي ڄامشورو جي صدر نظر رونجھي چيو ته سنڌي فنڪار اڳ نندڻڪا بڻيل هئا پر هاڻ تنظيم جنم ورتو آهي اسان کي اميد آهي سفوا اسان جهڙن لوڪل فنڪارن کي پاڻ سان گڏ کڻ هلندي ۽ اسان مالڪي ڪندي ، گڏجاڻي ۾ مظهر خاصخيلي، ھارون دايو مصطفى جويو، خادم خاصخيلي قاسم جويو، غلام علي عمراڻي، عبدالحميد سنڌي، حاڪم شيخ ، پيرل کوسو رحيم لاشاري، شاھزيب عمراڻي، نبن شاھ ، آغاز رونجھو، ساگر رونجھو، جاويد سمون ، شوقت شاھاڻي ، علي خان شيخ ، وسيم سولنگي ، دلرضا سولنگي، عرفان خاصخيلي ۽ ڀورو رند ۽ ٻين دوستن پڻ ميمبر طور تي شرڪت ڪئي. ان کان اڳ تعلقي مانجھند جي فنڪارن شاهنواز شاهاڻي راجا عنايت سولنگي نظر رونجھي ٻين آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، جڏهن ته ان کان اڳ ضلعي ڄام شوري ۽ تعلقي مانجھند جون باڊيون چونڊيون ويون ضلعي ڄام شوري جو صدر نظر رونجھو سينيئر نائيب صدر ذوالفقار سولنگي نائب صدر رحمان کوسو جنرل سيڪريٽري راجا عنايت سولنگي جوائينٽ سيڪريٽري سلم خشڪ پريس سيڪريٽري پرديپ ڪمار پريمي فنانس سيڪريٽري الطاف ملاح آفيس سيڪريٽري قبول پرھياڙ مقرر ڪيا ويا ۽ تعلقي مانجھند جو صدر شاھنواز شاھاڻي سينيئر صدر شھمير ملاح نائيب صدر خان غفار سولنگي ، جنرل سيڪريٽري انور حاجاڻو جوائنٽ سيڪريٽري ساگر عمراڻي انفارميشن سيڪريٽري زوھيب شاھ ڪاظمي فنانس سيڪريٽري غلام رسول ڇڇر آفيس سيڪريٽري امتياز چانڊيو چونڊيا ويا.

Bookmark the permalink.