تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سنڌ ۾ 35 لک 91 هزار ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا: خيرپور، گهوٽڪي، دادو ۽ سانگهڙ ضلعا وڌيڪ متاثر

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ صحت وزارت ملڪ اندر هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي ڀيانڪ تصوير پيش ڪندڙ انگ اکر پيش ڪندي انڪشاف ڪيو آھي ته ملڪ اندر هيپاٽائيٽس بي جا 50 لک ۽ هيپاٽائٽس سي جا هڪ ڪروڙ مريض هجڻ جي تصديق ڪندي سنڌ صوبي جي چار ڪروڙ 78 لک آبادي مان اڍائي سيڪڙو آبادي ان مرض ۾ مبتلا هجڻ جڏهن ته خيرپور ضلعي جي ڪل آبادي مان 6.3 سيڪڙو هيپاٽائيٽس بي ،گهوٽڪي ضلعي جي ڪل آبادي مان 18.6سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا هجڻ جڏهن ته سانگهڙ ضلعي جي 7.8 ۽ دادو ضلعي جي 7. 2 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس سي ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر شيخ روحيل اصغر جي ان سوال ته هن وقت ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جو تعداد ڇا آھي واري سوال ان جو جواب لکت ۾ ڏيندي قومي اسيمبلي کي صحت وزارت ٻڌايو آھي ته پاڪستان ميڊيڪل رسرچ ڪائونسل پاران 2008 ۾ ان حوالي سان سروي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ملڪ جي ڪل آبادي مان 2.5 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس بي ۽ ڪل آبادي مان پنج سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس سي ۾ مبتلا آھي ان مرض جي ڦهلاء جي ان شرح مان ثابت ٿي ٿو ته ملڪ اندر 50 لک هيپاٽائيٽس بي ۽ هڪ ڪروڙ ماڻهو هيپاٽائيٽس سي ۾ مبتلا آھن جواب ۾ ٻڌايو ويو آھي ته 11 ڪروڙ ، 12 هزار آبادي واري صوبي پنجاب ۾ مجموعي طور 9.1 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا آھي جن ۾ هيپاٽائيٽس بي ۾ 2.4 سيڪڙو ۽ سي ۾ 6.7 سيڪڙو مريضن جي شرح ٻائي وئي آھي ان شرح تحت پنجاب صوبي جي ڪل آبادي ۾ هيپاٽائيٽس جا ڪل مريض هڪ ڪروڙ 11 هزار ٿين ٿا جڏهن ته 4 ڪروڙ 78 لک، 86 هزار 51 ماڻهن جي آبادي واري سنڌ صوبي ۾ ڪل آبادي مان مجموعي طور تي 7.5 سڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا آھي جنهن ۾ هيپاٽائيٽش بي جا 2.5 سيڪڙو ۽ سي جا 5 سيڪڙو مريض شامل آھن ان شرح جي حساب سان سنڌ صوبي جي ڪل آبادي ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي مريضن جو تعداد 35 لک 91 هزار، 453 ٿئي ٿو جڏهن ته 3 ڪروڙ، 5 لک ، 23 هزار 371 ماڻهن جي آبادي رکندڙ ڪي پي ڪي ۾ 2008 مجموعي طور تي 2.4 سيڪڙو مريض ظاهر ٿيا هئا ان حساب سان ڪي پي ڪي صوبي جي ڪل آبادي مان 7 لک 32 هزار ،560 ڄڻا هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا ٿين ٿا جڏهن ته هڪ ڪروڙ ، 23 لک ،44 هزار ماڻهن جي آبادي رکندڙ بلوچستان صوبي ۾ ڪل آبادي مان 5.8 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا ظاهر ٿي هئي جنهن حساب سان بلوچستان صوبي ۾ به مريضن جو تعداد 7 لک 15 هزار 795 ٿئي ٿو ايوان کي ٻڌايو ويو آھي ته 2008 جي سروي مطابق ملڪ اندر هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ وڌ ۾ وڌ مبتلا ملڪ جا 25 ضلعا ظاهر ٿيا آھن پنجاب جا ڏه، سنڌ جا چار، ڪي پي ڪي جا به چار ۽ بلوچستان جا ست ضلعا شامل آھن پيش ڪيل جواب مطابق سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪل آبادي مان مجموعي طور هيپاٽائيٽس بي جي 5.9 ۽ سي جي 12.7 سيڪڙو آبادي متاثر ظاهر ٿي هئي 2017 جي آدمشماري ۾ گهوٽڪي ضلعي جي 16 لک، 46 هزار، 318 ڄڻن جي آبادي ظاهر ٿي هئي ان آبادي ۾ 18.6 سيڪڙو آبادي ان مرض ۾ مبتلا هجڻ سان گهوٽڪي ضلعي ۾ مريضن جو تعداد 3 لک ، 6 هزار، 215 ٿئي ٿو اهڙي ريت خيرپور ضلعي جي ڪل آبادي ۾ هيباٽاميٽس بي ۾ مبتلا 6.3 سيڪڙو آبادي ظاهر ٿي هئي خيرپور ضلعي جي 2017 ۾ آبادي 24 لک ،4 هزار، 334 ظاهر ڪئي وئي آھي پيش ڪيل شرح جي حساب سان به خيرپور ضلعي ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جو تعداد هڪ لک 51 هزار، 473 ٿئي ٿو جڏهن ته سانگهڙ ضلعي ۾ ڪل آبادي مان 7.8 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس سي ۾ مبتلا ظاهر ٿي هئي ان شرح جي حساب سان 20 لک، 57 هزار، 57 ڄڻن جي آبادي واري ضلعي سانگهڙ ۾ مريضن جو تعداد هڪ لک ،60 هزار 450 ٿئي ٿو اهڙي ريت دادو ضلعي جي ڪل آبادي مان 7.2 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس سي ۾ مبتلا ظاهر ٿئي هئي ان شرح جي حساب سان 15 لک ، 50 هزار،226 ڄڻن جي آبادي رکندڙ دادو ضلعي ۾ مريضن جو تعداد هڪ لک، 11 هزار، 616 ٿئي ٿو.

Bookmark the permalink.