تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

سنڌ ۾ 239 نوان ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر ۽ وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا: وڏو وزير

سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيل مريضن جو انگ 2هزار 579 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾239 نوان ڪورونا جا ڪيس ظاهر ۽ وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيل مريضن جو انگ 2هزار 579 ٿي ويو، سنڌ ۾ هن مهل تائين هڪ لک 41هزار 713 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، گذريل 24ڪلاڪن دوران184 ڪورونا مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن روانا ٿيا، هن وقت 4هزار460 ڪورونا مريض علاج هيٺ آهن، 159ڪورونا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.