تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

سنڌ ۾ 12 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 150 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص،لاڙڪاڻو، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ مقامي سطح جا ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 50 کان مٿي ماڻهو ڪورونا ۾ وٺجي ويا. حيدرآباد ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 25 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ضلعي ۾ ڪورونا جي سٽيل مريضن جو انگ 579 ٿي ويو. لاڙڪاڻو ۾ وڌيڪ 2 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد مريضن جو ڪل تعداد وڌي 271 ٿي ويو . ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد ضلعي ۾ مريضن جو انگ 31 ٿي ويو. شڪارپور ۾ وڌيڪ 12 ڄڻا ڪورونا وائرس جا شڪار هڪ ڏينھن ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 21 ٿي ويو ضلعي اندر انگ وڌي 225 ٿي ويو. قمبر ۾ ڪورونا وائرس جا 12 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ مريضن جو انگ وڌي 96 ٿي ويو. گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌيڪ 21ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا مريضن جو تعداد 142 ٿي ويو. متاثرن جو تعلق 6 گهوٽڪي، ھڪ ڏهرڪي، 13 ميرپور ماٿيلو ۽ هڪ جو خانڳڙهه سان آهي. جهڏو واسي حافظ وقار جي ٻيهر ڪرايل ڪرونا ٽيسٽ رپورٽ نيگيٽو اچي وئي. سيوهڻ ۾ ڪورونا جو وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر، ڀان سيد آباد ۾ وڌيڪ ٻن نون ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي. خانپورمھــر ڪرونا جو نئون ڪيس ظاھر انگ 3 ٿي ويو.

Bookmark the permalink.