تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

سنڌ ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ باوجود اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار نه گهٽيو، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

ڪي اليڪٽرڪ کي گئس ۽ فرنيس آئل ملڻ باوجود ڪراچي ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ باوجود اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار نه گهٽيو، ڪي اليڪٽرڪ کي گئس ۽ فرنيس آئل ملڻ باوجود ڪراچي ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، ميرپور خاص، مٽياري، سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري، حڪومت شهرين کي حيسڪو ۽ سيپڪو انتظاميا جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو، اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، شهرين جو چوڻ آهي ته هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي، رشوت عيوض ماڻهن کي ڪنڊا ڏنا پيا وڃن.

Bookmark the permalink.