تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 3 مريض فوت

گهوٽڪي ۾ 31، جيڪب آباد ۾ 30 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 21 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،:مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 3 مريض فوت ٿي ويا آهن، سنڌ جي وڏي وزير جاري وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 864 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 17 هزار 241 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين سنڌ ۾ 280 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي ويا آهن، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 864 ڪورونا جا نوان ڪيس سامهون آيا آهن، ڪورونا جا وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا آهن، سيد مراد علي شاهه چيو ته 136 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 4679 ڪورونا جون ٽيسٽون ٿيون، جن مان 864 نوان مريض ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته هن وقت تائين 127573 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 17241 مريض سامهون آيا آهن، مجموعي طور تي فوتين جو انگ 280 ٿي ويو آهي، هن وقت 12472 مريض علاج هيٺ آهن، 11095 گهرن ۾، 815 مرڪزن ۾ ۽ 562 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، 136 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 29 وينٽي ليٽرز تي آهن، اڄ 280 وڌيڪ مريض صحتياب ٿي نارمل زندگي ڏانهن واپس ٿيا آهن، صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4489 ٿي ويو آهي، 864 ڪيسز مان 657 نون ڪيسز جو تعلق ڪراچي سان آهي. گهوٽڪي ۾ 31، جيڪب آباد ۾ 30 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 21 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سکر ۾ 17، شڪارپور ۽ قمبر، شهدادڪوٽ ۾ 7.7 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ٺٽي ۽ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۾ 5.5 ڪيس سامهون آيا آهن، اسان کي ڪورونا سان گڏ رهڻ لاءِ احتياطي تدبيرون سکڻيون پونديون.

Bookmark the permalink.