تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 5 مريض فوت، 386 نوان ڪيس ظاهر، انگ هڪ لک 2 هزار 759 ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا، 386 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو تعداد هڪ لک 2 هزار 759 ٿي ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هيل تائين ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿيل مريضن جو انگ 22 سئو 50 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 522 مريض ٺيڪ ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيلن جو تعداد هڪ لک 14 هزار 518 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 5 هزار 991 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 250 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 49 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير موجب ڪراچي ۾ 226 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا، عمر ڪوٽ ۾ 20، سانگهڙ ۾ 16، بدين، شڪارپور ۽ ٺٽي ۾ وڌيڪ 10 _ 10 ڪيسز ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 7_ 7، گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ 6 _ 6 جڏهن ته ڄامشوري ۾ 5 ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ميرپور خاص، قمبر، سجاول، سکر، ۽ ٽنڊو الهيار ۾ 4_ 4، شهيد بينظير آباد ۾ 3، ۽ دادو ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

Bookmark the permalink.