تازا ترين
  • *ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق*
  • *ڪراچي: حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور*
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ سختيون ۽ سڀاڻي کان ڪرفيو لڳائڻ جو امڪان

فوج، رينجرز ۽ پوليس پاران ڀڃڪڙيون ڪندڙن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري

اسٽورز، کير، ڏهي ۽ ڀاڄين جا دڪان صبح 8 وڳي کلندا ۽ رات جو 8 وڳي بند ڪيا ويندا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ سختيون ۽ سڀاڻي کان ڪرفيو لڳائڻ جو امڪان آهي، اڄ ڇوٿين ڏينهن به صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار مڪمل بند هجڻ ڪري مزدور طبقو پيڙهجي ويو، فوج، رينجرز ۽ پوليس پاران ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي. سنڌ صوبي ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري اڄ چوٿين ڏينهن به مٽياري، ٽنڊو ڄام، هالا، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، بدين، سانگهڙ، دادو، سيوهڻ، نصير آباد، ڀان سيد آباد، قمبر، شڪارپور ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ مرڪزي ڪاروبار بند آهي. ميڊيڪل اسٽورز، ڪريانه، کير، ڏهي ۽ ڀاڄين جا دڪان صبح 8 وڳي کلندا ۽ رات جو 8 وڳي بند ٿي ويندا، جڏهن ته بيڪرين کي مڪمل طورتي بند ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ملير، لياري، گلشن حدين، گلستان جوهر، صدر ڪورنگي، لالو کيت، ڪلفٽن، گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند آهي، جنهن سبب ضروري ڪم ڪار لاءِ ويندڙ شهرين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ڪوٽ غلام محمد، مٺياڻي، کڏڙو، ڪوٽ لالو، دوڙ، ٺٽو، شاهپورچاڪر، جمال شاھ، ٺل، ڀرياسٽي، ملڪاڻي شريف، ڪنڌ ڪوٽ، غوثپور ۾ به سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل لاڪ ڊائون کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. مسلسل چوٿين ڏينهن لاڪ ڊائون سبب ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ مزدور طبقو پيڙهجي ويو آهي، گهرن ۾ راشن ۽ ضروري شين جي کوٽ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. فوج، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار گهرن مان نڪرندڙن شهرين کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي..

Bookmark the permalink.